پُوري جي سنڌي معنيٰ
مڪمل ڪئي، تڪميل ۾ آندي، پڄائي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Completed, accomplished, passed.
پُوري جا بيتن ۾ حوالا
سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي، ٿا رُڻِڪَنِ رَنجُورِي،
پِئا آھِينِ پَٽَ ۾، مَٿِنِ مامُورِي،
لَڳيَنِ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، سَدا جِيءَ سُوۡرِي،
پِرتِ جَنِ پُوري، تَنِ رويو وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 20 ]
پِئا آھِينِ پَٽَ ۾، مَٿِنِ مامُورِي،
لَڳيَنِ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، سَدا جِيءَ سُوۡرِي،
پِرتِ جَنِ پُوري، تَنِ رويو وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 20 ]
سوداگَرَ سَمُنڊَ جا، لاڄُو لالَ وَٽيجِ،
سِڙَه سَنباھَي سَقُلاتَ جا، کُوھا خُوبُ کَڻيجِ،
اَڇا اولا عاجَ جا، چَڱا چِٽائيجِ،
سَتَ سُکاڻِيُون سَنباھِ تُون، ڇَھَ ڇَڄَھِرِيُون اَڏيجِ،
سَٽِ ساري سَيِّدُ چئَي، پُوري پُڄائيجِ،
مُلا مُعلِمَ خَبَرُون، پُڇِي پَرُوڙيجِ،
وَّسَقَاهُـمْ رَبُّهُـمْ شَرَابًا طَهُوْرًا ، پاڻِي پاڪُ پِيئيجِ،
جَنھِن کي سِڪي سَڀَڪو، پِرِين سو پَسيجِ،
لُڙَ ۾ ڪِيمَ لُڏيجِ، سامُونڊِي سُتَڙِ ٿِيين.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 1 ]

وانءُ وَھِلِي نِڪِرِي، نَنگَرُ جانۡ نَہ کَڻَنِ،
مَڇُڻ ڏيھِ وَڃَنِ، نارِيُون پُوري ناکُئا.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 6 ]
مَڇُڻ ڏيھِ وَڃَنِ، نارِيُون پُوري ناکُئا.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 6 ]
جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، مَڙُه پُوري مَنجِهہ مارِ،
دائِما دُونھِين دِلِ ۾، مَنَ ۾ مالا وارِ،
سَھُ سَڀَڪا آرِ، آگي جِي اَدَبَ سين.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 8 ]
دائِما دُونھِين دِلِ ۾، مَنَ ۾ مالا وارِ،
سَھُ سَڀَڪا آرِ، آگي جِي اَدَبَ سين.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 8 ]
جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ ھُوندَنِ جِيئَن مَ ھو،
توکي ويسَ وِڃايو، ويسُ وِڃايو تو،
سامِي آھي سو، جَنھِن مَڙُه پُوري مارِيو.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 18 ]
توکي ويسَ وِڃايو، ويسُ وِڃايو تو،
سامِي آھي سو، جَنھِن مَڙُه پُوري مارِيو.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 18 ]
پُوري پَئِي رَھُ، اُپَٽي اُجُهہ مَ ڪاپَڙِي،
گِلائُون ۽ غِيبَتَ، سي تان سَھِيو سَھُ،
پُڇُ پاڻَ کي پَھُ، ھِنگِلاجِ ھَلَڻَ جو.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 2 ]
گِلائُون ۽ غِيبَتَ، سي تان سَھِيو سَھُ،
پُڇُ پاڻَ کي پَھُ، ھِنگِلاجِ ھَلَڻَ جو.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 2 ]
پُوري پَئِي رَھُ، اُپَٽي اُجُهہ مَ ڪاپَڙِي،
اُلا جٖي عِشقَ جا، سي تُون، سَھِيو سَھُ،
پُڇُ پاڻَ کي پَھُ، ھِنگِلاچِ ھَلَڻَ جو.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 3 ]
اُلا جٖي عِشقَ جا، سي تُون، سَھِيو سَھُ،
پُڇُ پاڻَ کي پَھُ، ھِنگِلاچِ ھَلَڻَ جو.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 3 ]
پُوري مَڙَه مَھيسَ، ڪَنھِن تِيرَٿِ وِئا تَڪِڙا،
جوڳِي جُنبِي ھَلِئا، ڪَنھِن ڏُوراھِين ڏيسِ،
اِنَ اَڳھَيِن ٿي ڪِئا، پَھَ مَٿي پَرَديسَ،
اُنِهين جي آديسَ، سارِيان گهَڻو سَيِّدُ چئَي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 11 ]
جوڳِي جُنبِي ھَلِئا، ڪَنھِن ڏُوراھِين ڏيسِ،
اِنَ اَڳھَيِن ٿي ڪِئا، پَھَ مَٿي پَرَديسَ،
اُنِهين جي آديسَ، سارِيان گهَڻو سَيِّدُ چئَي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 11 ]
دَلَقُ ڍَڪائِجِ دِلِ کي، لائِجِ ڪو مَ لِباسُ،
پُوري کائِجِ پانھِنجو، مَڙِهئان اَندَرِ ماسُ،
ويراڳِي تو واسُ، سَرَ ۾ بُويُون موڪِلي.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 21 ]
پُوري کائِجِ پانھِنجو، مَڙِهئان اَندَرِ ماسُ،
ويراڳِي تو واسُ، سَرَ ۾ بُويُون موڪِلي.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 21 ]
پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ اَڄُ صُبوحِ،
کَٿُورِيءَ خُوشِبُوءِ، آھِ آديسِي گِيا.
[ سُر پورب، جوڳي، 5 ]
کَٿُورِيءَ خُوشِبُوءِ، آھِ آديسِي گِيا.
[ سُر پورب، جوڳي، 5 ]
English Meaning
Completed, accomplished, passed.