جٖي مان پييُون پِرِينءَ ري، کُوءِ سي راتِڙِيُون،
جٖي مان اورِيُون پِرِينءَ سين، وَرُ سي راتِڙِيُون ،
پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِين جي، پاتِيُمِ جهاتَڙِيُون،
آڌِيءَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ڪُھَنِ ڪاتَڙِيُون.
[ سُر کنڀات، وايون، 3 ]
ويٺِي آھِيان واٽَ تي، آئُون آسَرَوَندِي،
پَهائِيندِيَسِ پِرِينءَ کي، ڳِچِيءَ پائِي گَندِي،
پِرِينءَ پُڄاڻا جيڏِيُون، آئُون رَتِي تان نَہ رھندي،
ڪَرَمَ ساڻُ ڪَرِيمَ جي، آئُون پِرِينءَ مِڙَندي.
[ سُر ڪوھياري، وايون، 2 ]
سَگهو ساٿَ نَہ جِندَڙو، چارَئِي پَھَرَ چُورُ،
مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جي، ساجَنَ تُنھِنجو سُورُ،
پيرين آئُون نَہ پُڄِڻي، ڏيھُ پِريان جو ڏُورِ،
وَڃي ويلَ سَڀَ ڪَنھِن، ھِينئَڙو پِرِينءَ حُضورُ.
[ سُر کنڀات، وايون، 7 ]
آڏا ڏُونگَرَ لَڪِيُون، موٽِجِ مُحِبَ مِجيجِي وو مِجيجِي،
پُڇان واٽَ پَنوَھارَ تو، ٻَيَڙَ آھِيان ٻيجِي وو ٻيجِي،
جَا نَہ ھَلَندِي ھوتَ ڏي، پيءُ تَھِين جو پازِي وو پازِي،
نَمُ گُهرِجي نِينھَن جو، آھِيان آئُون اَروجِي،
ڪَرَھا ڪيچَ ڌَڻِيَنِ جا، جوڙي مَنجِهہ جَمازِي،
ويندِيَسِ تَھِين وَرَ ڏي، آھِيان زالَ جَھِين جِي،
جَا نَہ پُرَندِي پِرِينءَ ڏي، سا تان مِلڪَ مي جِي.
[ سُر آبڙي، وايون، 12 ]
سِڪان ٿِي سَڪِراتِ ۾، رويو پُڇان راھُ،
شالَ مَ وَڃيمِ ساھُ، پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 7 ]
آئُون پَنھِنجي پِرِينءَ سين، ويندِيَسِ واڳَ وَڻِي،
مَرُجان پوئِيمِ مُنھَن ۾، سَندِي پِرِينءَ پَڻِي،
ڪانِهي مُون ڀَنڀورَ ۾، ڌاران تو تَڻِي،
ڪَندِيَسِ وَسَ وِندُرَ ۾، ميڙِيندومِ ڌَڻِي،
ھَٿان ھَڏِ نَہ ڇَڏِيان، آرِيءَ جِي اَڻِي،
آھي ھوتَنِ ھَٿَ ۾، سَندِي جِيءَ جَڙِي،
ڪِينَ وِرمِئا وِچَ ۾، ھَلِئا ھِيءَ ھَڻِي،
مُون کي ڪوٺِيو پاڻَ ڏي، ھادِيءَ ھَٿُ کَڻِي،
پُنهونءَ ڌاران پَٻَ ۾، ٻيلِي ناھِ ٻَڙِي،
توري تيلُ نَہ لايان، نَہ ڪا سِينڌِ ڦَڻِي.
[ سُر ديسي، وايون، 7 ]
رَتو روئِي پِرِينءَ کي، وِڌُمِ ٿي ويراڳُ،
جَنِ ھِتي ھوتُ وِسارِئو، سي مَهِندِ نَہ لَھَندِيُون ماڳُ،
جِيءَ جَڙَ ھُيَمِ جَنِ سين، سي لاھي چَڙھِئا لَاڳُ،
ڀينرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، ڪَنھِن سين ڪَندِيَسِ چاڳُ،
اَندَرِ ٿِئو اَجهاڳُ سَڌَرُ سُورُ پِرِينءَ جو.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 28 ]
ھَڏُ وِجَهندِيَسِ ڇَپَرين ماھُ آن جو ڳاھُ،
اَکِيُون ڇَڏيجا، جَنِ سان پَسان پِرِينءَ کي.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 21 ]
ميخُون مَحَبتَ سَندِيُون، ھِينئَڙي مَنجِهہ ھَزارَ،
جَڙَ جَنِي جِي جانِ ۾، لَڳِي رءَ لُهارَ،
لَڳِي آھي نَہ لَھي سَندِي پِيَ پَچارَ،
کُوءِ سي جِيئَڻَ ڏِينھَڙا، جي نِي پِرِينَئُون ڌارَ،
ڪانگَنِ قَطارُون ڪِيُون، چُڪِيءَ کي چوڌارَ،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، سَنجهي ٿِئَڙا سُوارَ،
گهَڻو اُڪَنڊِي آھِيان، تَنِ جَتَنِ جي جِنسارَ،
جيڪي اورَڻُ پِرِينءَ سين، جيڪي پِرِينءَ پَچارَ،
گَڏِي ويندِيَسِ گَسَ ۾، ڪاڪِيُون ساڻُ قَطارَ،
آئُون نِماڻِي نِڪَڻِي، دَمِج تُون دِلِدارَ.
[ سُر ديسي، وايون، 10 ]
ڀِنِيءَ ٿِيين ڀَوارَئُون، ٻِئا وِنگا وَرَ ڏِناءِ،
چَڱِي ڪانَہ ڪِياءِ، جِيئَن پيرُ وِڃايُئِي پِرِينءَ جو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 4 ]
ڄولي پَنھِنجَا ڄَاڻَ
*pri- pr?-, Proto-Indo-European root meaning "to love." In some languages (notably Germanic and Celtic) it developed derivatives with the sense "free, not in bondage," perhaps via "beloved" or "friend" being applied to the free members of one's clan (as opposed to slaves). It forms all or part of: afraid; affray; filibuster; Frederick; free; freebooter; freedom; friend; Friday; Frigg; Godfrey; Geoffrey; Siegfried; Winfred. It is the hypothetical source of/evidence for its existence is provided by: Sanskrit priyah "own, dear, beloved," priyate "loves;" Old Church Slavonic prijati "to help," prijatelji "friend;" Welsh rhydd "free;" Old English freo "exempt from; not in bondage, acting of one's own will," Gothic frijon "to love," Old English freod "affection, friendship, peace," friga "love," friðu "peace," Old Norse Frigg, name of the wife of Odin, literally "beloved" or "loving."
Sources:
- A Dictionary of Selected Synonyms in the Principal Indo-European Languages, University of Chicago (By: Carl Darling Buck) 1988.
- Etymological Dictionary of Latin and the other Italic Languages (By: Michiel de Vaan) 2008.
- The American Heritage Dictionary of Indo-European Roots (By: Calvert Watkins) 2000.
- Noun Declension in Indo-European (Sindhueuropaia Deklination Nomnes) By: Carlos Quiles.
- Online Etymology Dictionary (By: Douglas Harper)