پِياڪَ جي سنڌي معنيٰ
پيڻ وارا، پيئندڙ. پيئڻ جا عادي. ڇڪيندڙ ٻيڙي وغيرہ. هيراڪَ نشي جا، ٻانڌاڻا.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Addicts, users, druggie
پِياڪَ جا بيتن ۾ حوالا
عاشِقَ زَھَرَ پِياڪَ، وِھُ پَسِي وِھسَنِ گهَڻو،
ڪَڙيۡ ۽ قاتِلَ جا، ھَميشه ھيراڪَ،
لَڳِيءَ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، فَنا ڪِئا فِراقَ،
توڻي چِڪَنِ چاڪَ، تَہ آھَ نَہ سَلَنِ عامَ کي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 29 ]
ڪَڙيۡ ۽ قاتِلَ جا، ھَميشه ھيراڪَ،
لَڳِيءَ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، فَنا ڪِئا فِراقَ،
توڻي چِڪَنِ چاڪَ، تَہ آھَ نَہ سَلَنِ عامَ کي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 29 ]
وِجهِج واٽاڙُوئَن تي، مَيخاني جِي ماڪَ،
ٿِيندِي سُڌِ سَڀَ ڪَنھِن، ھَنڌِ ھَنڌِ پُوندِي ھاڪَ،
پِرھَ جا پِياڪَ، جُھ سي اَڱَڻِ آيا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 22 ]
ٿِيندِي سُڌِ سَڀَ ڪَنھِن، ھَنڌِ ھَنڌِ پُوندِي ھاڪَ،
پِرھَ جا پِياڪَ، جُھ سي اَڱَڻِ آيا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 22 ]
ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، نِسورِي ناپاڪَ،
نَجاسَتَ ناھِ ڪَري، اُنِهين جِي اوطاقَ،
ھُوءِ جي کِيرَ پِياڪَ، پاسي تَنِي پاڪَ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 2 ]
نَجاسَتَ ناھِ ڪَري، اُنِهين جِي اوطاقَ،
ھُوءِ جي کِيرَ پِياڪَ، پاسي تَنِي پاڪَ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 2 ]
راڻا پَسان نَہ راڄَ ۾، ھُئِي جَنِي ھاڪَ،
مَحلي مِيرَ مُقِيمَ جي، مَٽَنِ اُٺِي ماڪَ،
ھُو جٖي پِرھَ پِياڪَ، سي لوڊي وَڃَنِ لَڏِئو.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 17 ]
مَحلي مِيرَ مُقِيمَ جي، مَٽَنِ اُٺِي ماڪَ،
ھُو جٖي پِرھَ پِياڪَ، سي لوڊي وَڃَنِ لَڏِئو.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 17 ]
English Meaning
Addicts, users, druggie