ڀينَرُ جي سنڌي معنيٰ
ڀيڻَ، ادِي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Sister, sis.
ڀينَرُ جا بيتن ۾ حوالا
ويندِيَسِ ڪيچِ ڪَھِي، سيڻَنِ ساڻُ صَحِي،
ڀينَرُ آئُون جِيئَندِيَسِ تان نَہ جَتَنِ ري،
وِھان ڪِيئَن ماٺِ ڪَري، ھيڏو سُورُ سَھِي،
ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، سارِيان ڪو نَہ صَحِي،
اَڳِئان آرِيءَ ڄامَ جو، سُڄي ساٿُ صَحِي،
صُبحِ ڏُونگَرَ ڏورِئان، ڪَنھِن پَرِ راتِ رَھِي.
[ سُر ديسي، وايون، 2 ]

پانڌِي پِرِيَنِ جو، اِي آئُون مان نَڪو پَسان،
ڀينَرُ ڀِريِ اُسَھو، ڏُونگَرُ ڏورَڻُ اَسان،
مُندائِتي مِينھَن جِيئَن، ويلو ويلَ ٿِي وَسان.
[ سُر سھڻي، وايون، 5 ]

ڪيرِ ڪُنَ آئُون ڪيرَ، ڪيرَ ڏَمَرَ سَھي ڏَمَ جا،
قَضا ريءَ ڪانَہ ڏي، مَٿي پاڻِيءَ پيرَ،
ڀينَرُ ڀِنِيءَ ويرَ، لِڌو ٿِي لوڙِيان.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 23 ]
قَضا ريءَ ڪانَہ ڏي، مَٿي پاڻِيءَ پيرَ،
ڀينَرُ ڀِنِيءَ ويرَ، لِڌو ٿِي لوڙِيان.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 23 ]
جيڏِيُون آئُون تان نَہ چَوَندِي لو، ڏُکُ ڏوراپو سيڻَنِ جي صَريِحُ،
سَڱا وَڃَنِ سَرَتِيُون، مِنَٿَ موٽَنِ مانَ،
ڀينَرُ ڀِيڻِي حُجَ جِي، ڪوھِيارِي سين ڪا نَہ،
سو تُون صاحِبُ آھِين، جو نَہ ڀيرائِيين ڀانَ،
سُوالِي سَمَگِئا، داتا ڏيئِي دانَ.
[ سُر آبڙي، وايون، 19 ]

وِئا سُڃَ سَنجهي ڪَري، ڀينَرُ راتِ ڀِنِي،
سُڌِ لَڏِيندي ساٿَ جِي، ڏيرَنِ ڪانَہ ڏِنِي،
وِئَڙا سَڱُ ڇِنِي، ڏُکِي ڏولي ڏُونگَرين.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 3 ]

ڀينَرُ آئُون ڀورِي جَنھِن مُون سَڱُ سُڃاڻِي نَہ ڪِئو،
ڏِيندا مُون ڏيرَ وِئا، جِهڄَڻَ ۽ جهورِي.
لَڳِي جَنِ لورِي، ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 17 ]

ٻاروچي سان ٻَڙِي جيڏِيُون، ھيڪَر ٿِيان ھيڪاندِي،
چَڙِھِي نَہ سَگهان چوٽِيين، يارَ بِنان دِلِ ماندِي،
پورِھِيَتِ پُنهونءَ ڄامَ جِي، باندِيَنِ جِي آئُون باندِي،
پَھچائِجِ پُنهونءَ کي، ھِيءَ پِيادِي پانڌِي،
ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، آئُون ايرادي آندِي،
ڪَرَمَ ساڻُ ڪَرِيمَ جي، ڪيچِي ٿِيندَمِ ڪانڌِي.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 14 ]

آڻي لِکِئي لَنئُن لائِي، آئُون ڪا جوڙَ جَتَنِ جو،
ٻَڙِي جيڏِيُون، آئُون ڪا ڪُڙُمُ ڪيچِيَنِ جو،
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَھَلَ نَہ ڪِئائُون ڪائِي،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، ڏيرَ ڪَري وِئا ڏاڍائِي،
ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، ڪونهي سُورَنِ ڀائِي،
پَسِي پَنھِنجا ڪَمَڙا، لالَڻَ آئُون لَڄائِي،
پورِھِيَتِ پُنهونءَ ڄامَ جِي، ڪيچِيَنِ ڪَمِ نَہ آئِي،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ھوتَ ڪَرِيو ھَمراھِي.
[ سُر ڪوھياري، وايون، 6 ]

ڀينَرُ ڀَنڀوران، ڀَڄو تان اُبَھو،
اَڳي ھِنَ ماڳان، سَرَتِيُنِ سُورَ پِرايا.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 9 ]

ڪُلِهين ڦاٽو ڪَنجِرو، مَٿو اُگهاڙو،
مُنھِنجو ڪُڄاڙو، ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 10 ]
مُنھِنجو ڪُڄاڙو، ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 10 ]
English Meaning
Sister, sis.