ڀُڻِ جُهڻِ جي سنڌي معنيٰ
ڀُڻڪاٽ، ڀُڻڪو. ٿورو ڳالهاءُ، جهيڻي گفتگو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Buzzing, humming, low voice, whispering.
ڀُڻِ جُهڻِ جا بيتن ۾ حوالا
ڪا جَا ڪُنَ ڪَرِينِ، ڀِنِيءَ ڀُڻِ جُهڻِ پاڻَ ۾،
آڌِي اُنهِينءَ آبَ کي، اَکِيُون اُڪيرِينِ،
توڙي تِڪُون ڏِينِ، تَہ اُڃَ اُنَ کي نَہ لَھي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 21 ]
آڌِي اُنهِينءَ آبَ کي، اَکِيُون اُڪيرِينِ،
توڙي تِڪُون ڏِينِ، تَہ اُڃَ اُنَ کي نَہ لَھي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 21 ]
عَجَبُ نَينَ تَيرَي، سَرَسُ نَينَ تَيرَي،
جَلَ وِچ ڪَنوَلُ ڪَنوَلَ وِچ مُدُوئا،
جُون چاند ڪُون بادَلُ گَهيرَي،
چُڻِ ڀُڻِ ڪَلِيان سيڄَ وِڇاوان، آءُ پِيَ گهَرِ مَيرَي.
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 14 ]
جَلَ وِچ ڪَنوَلُ ڪَنوَلَ وِچ مُدُوئا،
جُون چاند ڪُون بادَلُ گَهيرَي،
چُڻِ ڀُڻِ ڪَلِيان سيڄَ وِڇاوان، آءُ پِيَ گهَرِ مَيرَي.
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 14 ]
وَڳَرُ وِساري، ويٺِيئَن ڪِيئَن ماٺِ ڪَري،
ڪِ تو نَہ ماري، رُڻِ جُهڻِ سَندِي سَڄَڻين.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 3 ]
ڪِ تو نَہ ماري، رُڻِ جُهڻِ سَندِي سَڄَڻين.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 3 ]
English Meaning
Buzzing, humming, low voice, whispering.
ڀُڻِ جُهڻِ ٻول جا زمرا