ڄاتو جي سنڌي معنيٰ
ڄاڻئو، سمجهيو، پرکيو. معلوم ڪيو (ڄاڻڻ جو ماضي)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Knew, understood, got knowing.
ڄاتو جا بيتن ۾ حوالا
ڀَلِي ڪِيَئِي ڀَلا پِرِين، مُون نَہ ڄاتو اِيئَن،
ھِيُون ھيرائي ھَٿِ ڪَري، ھَلِيو ويندين ھِيئَن،
سا سِڪَ سَلان ڪِيئَن، جَنھِن اَندَرِ آھيرا ڪِئا.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 4 ]
ھِيُون ھيرائي ھَٿِ ڪَري، ھَلِيو ويندين ھِيئَن،
سا سِڪَ سَلان ڪِيئَن، جَنھِن اَندَرِ آھيرا ڪِئا.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 4 ]
سَتاوِيھِينءَ سِرَ تي، ٿا ڀوڳِي وِجَهنِ ڀاڻُ،
لايو خاڪِ لِڱَنِ کي، پتوڙِينِ پاڻُ،
کِدائُون ۽ گودَڙِيوون، ھُيون سَناسِيَنِ ساڻُ،
اُنِهين ڄاتو ڄاڻُ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 27 ]
لايو خاڪِ لِڱَنِ کي، پتوڙِينِ پاڻُ،
کِدائُون ۽ گودَڙِيوون، ھُيون سَناسِيَنِ ساڻُ،
اُنِهين ڄاتو ڄاڻُ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 27 ]
چَرَکو چوري ھَٿِ ڪَرِ، ھِيءَ ھَڏِ وِھاڻِي،
ڪاپائِتي سَڀَڪا، ڪِتي سِيباڻِي،
ڄاتو جَنِ ڄاڻِي، تَنِ پَھِي ھَٿان نَہ ڇَڏِي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 3 ]
ڪاپائِتي سَڀَڪا، ڪِتي سِيباڻِي،
ڄاتو جَنِ ڄاڻِي، تَنِ پَھِي ھَٿان نَہ ڇَڏِي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 3 ]
English Meaning
Knew, understood, got knowing.