چارَڻَ جي سنڌي معنيٰ
ھڪ قبيلي جو نالو. ڳائڻو، ڳائڻا، راءِ ڏياچ جو سر وڍيندڙ سازندو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Name of a tribe, singers, musician who slaughtered Roy Diyach's head.
چارَڻَ جا بيتن ۾ حوالا
اللهَ جِي آسَ ڪَري، ھَلِئو ھِئائِين،
چارَڻَ ٻَڌا چَنۡگَ کي، جُهوڙا ۽ جهائِين،
ڏُئِلِي راءِ ڏِياچَ جِي، ڏُوران ڏِٺائِين،
وينَتِيُون واحِدَ کي، تَنھِن ويرَ ڪِئائِين،
سَٻاجها سائِين، راءُ ريجهائِين راڳَ سين.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 1 ]
چارَڻَ ٻَڌا چَنۡگَ کي، جُهوڙا ۽ جهائِين،
ڏُئِلِي راءِ ڏِياچَ جِي، ڏُوران ڏِٺائِين،
وينَتِيُون واحِدَ کي، تَنھِن ويرَ ڪِئائِين،
سَٻاجها سائِين، راءُ ريجهائِين راڳَ سين.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 1 ]
چارَڻَ چوٿِينءَ راتِ ۾، آءُ نِچُ آھِين جِيءُ،
تُنھِنجو قَدَمُ پَدَمَ نَہ پاڙِيان، اَچِي ٿِيءُ جَمِيعُ،
دانَ دَلُوچا دِلِ وَڻِيا، وَٺِي راضِي ٿِيءُ،
ھِينئَرَ اَٿِئِي ھِيءُ، صُبحِ سَوايو ڏِيان.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 4 ]
تُنھِنجو قَدَمُ پَدَمَ نَہ پاڙِيان، اَچِي ٿِيءُ جَمِيعُ،
دانَ دَلُوچا دِلِ وَڻِيا، وَٺِي راضِي ٿِيءُ،
ھِينئَرَ اَٿِئِي ھِيءُ، صُبحِ سَوايو ڏِيان.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 4 ]
چارَڻَ ٻولِجِ ڪِي ٻِئو، گهُرِيُئِي سو گهورِيان،
گهَرُ سورَٺِ نَہ پَڙي، جان تَندُ بَرابَرِ تورِيان،
ڳُجِهي آھِمِ ڳالِهڙِي، آءُ اوري تَہ اورِيان،
ڪِ ڪُلَهنِئُون ڪورِيان، ڪِي جاجِڪَ جُسي سين ڏِيان.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 23 ]
گهَرُ سورَٺِ نَہ پَڙي، جان تَندُ بَرابَرِ تورِيان،
ڳُجِهي آھِمِ ڳالِهڙِي، آءُ اوري تَہ اورِيان،
ڪِ ڪُلَهنِئُون ڪورِيان، ڪِي جاجِڪَ جُسي سين ڏِيان.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 23 ]
چارَڻَ چَنۡگُ ٻَنگُ لَھِي، وَڄايو وَڏاڻُ،
سِرَ جو ھَڏِ آسانُ، پَرَ مَڱَڻَھارُ مَٿي وَھي.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 24 ]
سِرَ جو ھَڏِ آسانُ، پَرَ مَڱَڻَھارُ مَٿي وَھي.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 24 ]
ڏيٺي سين ڏاتارَ، يارَ، ڪِي موچارِي مَڱڻي،
اَچِي چارَڻَ نَہ چورِيين، ڪا جَا تَندُ تَنوارَ،
سا سِيباڻِي راڄِيي، سَٻاجهي سَتارَ،
نِڀاڳَنِ نَوازَ ٿِي، ٽِلَنِ ٿا ٽاٽارَ،
آيو حاتِمُ ھَٿَ ۾، لَنگهي جِيئَن ڀَتارُ.
[ سُر سورٺ، وايون، 1 ]
اَچِي چارَڻَ نَہ چورِيين، ڪا جَا تَندُ تَنوارَ،
سا سِيباڻِي راڄِيي، سَٻاجهي سَتارَ،
نِڀاڳَنِ نَوازَ ٿِي، ٽِلَنِ ٿا ٽاٽارَ،
آيو حاتِمُ ھَٿَ ۾، لَنگهي جِيئَن ڀَتارُ.
[ سُر سورٺ، وايون، 1 ]
چارَڻَ چَنۡگُ ڪُلِهي ڪَري، پيرَ پُرِي پاتا،
صَدا جِي سَيِّدُ چئَي، وائِي ڪِئائِين واتا،
تَنھِن تي راءُ راضِي ٿِئو، دِلِ وَڏِيءَ داتا،
مَرَڪي مَرُ ماتا، رُوڙِي راءَ ڏِياچَ جِي.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 6 ]
صَدا جِي سَيِّدُ چئَي، وائِي ڪِئائِين واتا،
تَنھِن تي راءُ راضِي ٿِئو، دِلِ وَڏِيءَ داتا،
مَرَڪي مَرُ ماتا، رُوڙِي راءَ ڏِياچَ جِي.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 6 ]
چارَڻَ تُنھِنجي چَنۡگَ جو، عَجَبُ آھِمِ اِيءُ،
جِيئَن ھَڻين اُڀو ھَٿَنِ سين، جِيئَرو رَکِئو جِيءُ،
راتِ مُنھِنجو رِيحُ، ڪاٽِئو تو ڪُماچَ سين.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 7 ]
جِيئَن ھَڻين اُڀو ھَٿَنِ سين، جِيئَرو رَکِئو جِيءُ،
راتِ مُنھِنجو رِيحُ، ڪاٽِئو تو ڪُماچَ سين.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 7 ]
چارَڻَ تُنھِنجي چَنۡگَ ۾، توحِيدَ جِي تَنوارَ،
وَحدہ لاشرِيک لَهُ، اِھيئِي آچارَ،
مُون کي تَهِين يارَ، فِڪرَ ڦِريشانِئو.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 8 ]
وَحدہ لاشرِيک لَهُ، اِھيئِي آچارَ،
مُون کي تَهِين يارَ، فِڪرَ ڦِريشانِئو.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 8 ]
ماڙِيءَ ھيٺان مَلُوڪَ جي، چارَڻَ چورِئو چَنۡگُ،
مِرُون پِئا اُتِ مامِري، ريڌا پَسِي رَنگُ،
ٻِيجَلَ لَڌو ٻَنگُ، راجا تي راضِي ٿِئو.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 4 ]
مِرُون پِئا اُتِ مامِري، ريڌا پَسِي رَنگُ،
ٻِيجَلَ لَڌو ٻَنگُ، راجا تي راضِي ٿِئو.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 4 ]
گُلُ ڇِنو گِرنارَ جو، پَٽَنِ ٿِيُون پِٽِينِ،
سَھِسين سورَٺِ جِھَڙِيُون، اُڀِيُون اوسارِينِ،
چوٽو چارَڻَ ھَٿَ ۾، سِرُ سِينگارِئو ڏِينِ،
نارِيُون نازُ ڪَرِينِ، تَہ راجا راتِ رَمِ ڳيَو.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 6 ]