چوٿُون جي سنڌي معنيٰ
قطار يا صف ۾ ٽئِين کان پوءِ نمبر وارو. ”چار“ جو عدد قطاري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Fourth.
چوٿُون جا بيتن ۾ حوالا
اُٺَ ويرِي اوٺارَ ويرِي، ٽِئا ويرِي ڏيرَ
چوٿُون ويرِي واءُ ٿِئو، جَنھِن لَٽِئا پُنُوھَ پيرَ،
پَنجُون ويرِي سِڄُ ٿِئو، جَنھِن اُلَھِي ڪَئِي اَويرَ،
ڇَھُون ويرِي چَنڊُ ٿِئو، جَو کِڙِئو نَہ وَڏِيءَ ويرَ،
سَتُون ويرِي ڇَپَرُ ٿِئو، جَنھِن سَنوان ڪِئا نَہ سيرَ،
واھيري جِي ويرَ، ٿِي ڇُلُون ڪَرِيان ڇَپَرين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 7 ]