چَرِيو جي سنڌي معنيٰ
دماغ ڦِريل، هيڏانھُن هوڏانھُن اجايو ڦرندڙ، آوارا گهمندڙ. اڌ مغزي، سودائي. پاڳل، ديوانو، مَست. بيوقوف، چَرٻَٽُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Mad, insane, foolish, an idiot, intoxicated.
چَرِيو جا بيتن ۾ حوالا
ڪوھُ ٿِيُون ڪوڙُ ڪَرِيو، ڪانَہ ھَلَندِي ڪيچَ ڏي،
سَرَتِيُون ۽ ساھيڙِيُون، مُون سين ٻَہ ٽي پيرَ ڀَرِيو،
جَنِي چِتُ چَرِيو، ڏُونگَرَ سي ڏورِيندِيُون.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 6 ]
سَرَتِيُون ۽ ساھيڙِيُون، مُون سين ٻَہ ٽي پيرَ ڀَرِيو،
جَنِي چِتُ چَرِيو، ڏُونگَرَ سي ڏورِيندِيُون.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 6 ]
ڪَڍَ پُنهونءَ جِي ڪاھي، چاٽِيءَ رُوحُ چَرِيو ڪِئو،
اُٿِي ويٺي اوڏَھِين، سُتي پُڻ ساھي،
اَلعِشقُ حِجاب بَينَ العاشِقِ والَمعشُوق ، لا شَڪُ ٿِيءُ لاھي،
آرِياڻِي آھي، ٻِئو سَرَتِيُون سُڄي ڪِينَڪِي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 17 ]