چِلُڙَ جي سنڌي معنيٰ
چِڪَڻِ، گپ، گپ وارو گندو پاڻي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Muddy water, mud.
چِلُڙَ جا بيتن ۾ حوالا
سَمُنڊَ جٖي سيوِينِ، ماڻِڪَ تَنِي ميڙِئا،
چِلُڙَ جي چُوسِينِ، تَنِ سانگوٽا ۽ سُتِيُونۡ.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 8 ]
چِلُڙَ جي چُوسِينِ، تَنِ سانگوٽا ۽ سُتِيُونۡ.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 8 ]
ڪَرِ سَمُنڊَ سيواھاڻِ، ماڻِڪَ موتِي تي لَھين،
مَٿي چِلُڙَ چورِيين، وِھِيِن جِمَ وَڏاڻُ،
ڏيئِي ڏيڏَرِيُون ڏاڻُ ڪَڏِھِين سُڪِي ويندُءِ سيگَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 9 ]
مَٿي چِلُڙَ چورِيين، وِھِيِن جِمَ وَڏاڻُ،
ڏيئِي ڏيڏَرِيُون ڏاڻُ ڪَڏِھِين سُڪِي ويندُءِ سيگَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 9 ]
ويھُ سي وِساري چَڍا جي چِلُڙَ جا،
ڪَرِ ساڃاءِ سَمُنڊَ سين، جو لَکَ لَهرِيُون ڏي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 10 ]
ڪَرِ ساڃاءِ سَمُنڊَ سين، جو لَکَ لَهرِيُون ڏي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 10 ]
ماڻِڪَ چُوڻُو جَنِ جو، ھَنجَ حُضُورِي سي،
چِلُڙَ ۾ چُهِنجَ ھَڻِي، مَڇِي کِينِ نَہ اِي،
لوڪَ نَہ لَکِئا تي، جيلانھَن ڀُڻَنِ ٻَگهَنِ گَڏِئا.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 6 ]
چِلُڙَ ۾ چُهِنجَ ھَڻِي، مَڇِي کِينِ نَہ اِي،
لوڪَ نَہ لَکِئا تي، جيلانھَن ڀُڻَنِ ٻَگهَنِ گَڏِئا.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 6 ]
جَنھِن پاڻِيءَ ۾ پُونئَرا، چِلُڙَ چِڪَ گهَڻِي،
وِئا چِتُ کَڻِي، تَنھِن سَرَ مَٿان ھَنجَڙا.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 14 ]
وِئا چِتُ کَڻِي، تَنھِن سَرَ مَٿان ھَنجَڙا.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 14 ]
جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، چِلُڙَ ڏيجِ مَ چَسُ،
ٻَگهَنِ سين ٻيلَ ٻَڌِي، ڪُنبَ نِھارِ مَ ڪَسُ،
پَکِي سيئِي پَسُ، جَنِ ماڻِئا ڪَوَنرَ ڪُلابَ جا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 18 ]
ٻَگهَنِ سين ٻيلَ ٻَڌِي، ڪُنبَ نِھارِ مَ ڪَسُ،
پَکِي سيئِي پَسُ، جَنِ ماڻِئا ڪَوَنرَ ڪُلابَ جا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 18 ]
English Meaning
Muddy water, mud.