چِيھَو جي سنڌي معنيٰ
گاھ جو هڪ قِسم، جو مِينھن جي اوائلي وسڪاري ۾ اُڀري، اُن جي رَس ۾ ڳاڙهو رنگ ٿئي، جڏهين ننڍو ۽ ڪَچو هجي تڏهين انکي ”چيھو“ چئجي، مال کائيندو تہ چَپ ڳاڙها ٿي پوندن، ماڻهو پير اُگهاڙا ڪري هلندا تہ ڳاڙهيرا ٿي پوندا، ڪلورو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A kind of redish grass, which grows after raining in Thar or sandy area.
چِيھَو جا بيتن ۾ حوالا
ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا، وَٺو وارِياسو،
ماکَرِيءَ تان موٽِئو، ڏيئِي پَيَ پاسو،
کُوري تي کِوَڻِيُنِ جو، ٿِئو چَڱو چَوماسو،
خالِقَ ڪِئو خاصو، چِيھَو چُکِيءَ ڪَنڌِيين.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 3 ]