ڇاٽَ جي سنڌي معنيٰ
هوا جي زور سان وَسندڙ سنهي بُوندَ. بُوندن جو وَسڪارو. ڇَٽِڪار.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Rainfall with highspeed wind. Speedy rain with small drops.
ڇاٽَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، لَڳِي اُڃَ اُساٽَ،
مَولا اُتِ مِينھَنِ جِي، ڇَپَرَ وِجِهجِ ڇاٽَ،
ھَلَنِ سَنگِ سَيِّدُ چئَي، ڪيچِيَنِ جا ڪَنواٽَ،
وِنگي جِتي واٽَ، تِتي ٻاتاڙَنِ ٻيلِي ٿِيين.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 11 ]

پَسِي اُڃَ اُساٽَ، ڏُونگَرَ کي ڏارُ پِئو،
سَسُئِيءَ جي سُورَنِ جِي، لَڪَ مَٿي لاٽَ،
ڇَپَرُ مِڙيوئِي ڇاٽَ، مُنڌَ پارَ ڪَڍي پاڻِي ڪِئو.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 23 ]