ڇَڏِيين جي سنڌي معنيٰ
ڇڏي ڏين، ختم ڪن، پلجي وڃن، ھٽي وڃن، رڪجي وڃن، نابري واري بيھن
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Leaving, getting rid off, left, quit
ڇَڏِيين جا بيتن ۾ حوالا
سُورِيءَ تي سَئو وارَ، ڏِھاڙِئو چَنگِ چَڙھين،
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سِڪَڻَ جِي پَچارَ،
پِرتِ نَہ پَسِين پارَ، نِينھُن جِئائِين نِڱِئو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 7 ]
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سِڪَڻَ جِي پَچارَ،
پِرتِ نَہ پَسِين پارَ، نِينھُن جِئائِين نِڱِئو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 7 ]
ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ڪَرِ ڪو واڪو وَسُ،
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سَندو گُنگنِ گَسُ،
ڏورَڻَ مَنجهان ڏَسَ، پُوندُءِ ھوتَ پُنهونءَ جو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 21 ]
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سَندو گُنگنِ گَسُ،
ڏورَڻَ مَنجهان ڏَسَ، پُوندُءِ ھوتَ پُنهونءَ جو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 21 ]
وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ، سيڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي،
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سَندو گُنگن گَسُ،
ڏوٿِي ڏِيندا ڏَسُ، توکي ٻاروچَنِ جو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 25 ]
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سَندو گُنگن گَسُ،
ڏوٿِي ڏِيندا ڏَسُ، توکي ٻاروچَنِ جو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 25 ]
واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، بارِي پُڇي بَرَ،
وَرُ وَسِيلا سُپِرِين، ٿَڪِيَسِ ڏوري ٿَرَ،
لَھِجِ لالَ لَطِيفُ چئَي، ڪانڌَ مُئِيءَ جِي ڪَرَ،
وِلِهِي ڪَري وَرَ، مَڇُڻ مارَڳِ ڇَڏِيين.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 8 ]
وَرُ وَسِيلا سُپِرِين، ٿَڪِيَسِ ڏوري ٿَرَ،
لَھِجِ لالَ لَطِيفُ چئَي، ڪانڌَ مُئِيءَ جِي ڪَرَ،
وِلِهِي ڪَري وَرَ، مَڇُڻ مارَڳِ ڇَڏِيين.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 8 ]
مَتان مُٺِي ڇَڏِيين پِريَتڻُون پاڻان،
ڄاپَنِ جِيئَن جاڙا، تُون پُڻ ھوئِجِ تَنِ جِيئَن.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 21 ]
ڄاپَنِ جِيئَن جاڙا، تُون پُڻ ھوئِجِ تَنِ جِيئَن.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 21 ]
مَتان مُٺِي ڇَڏِيين، پاڙان پِريَتڻُون،
کَٿُورِيءَ ڪَڻو، مَڙهي مَرِجِ مُنھَن ۾.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 22 ]
کَٿُورِيءَ ڪَڻو، مَڙهي مَرِجِ مُنھَن ۾.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 22 ]
ٿِئَڙَم سُورَ سَمَرَ، اي دِلبَرَ،
موٽُ سَٻاجها سُپِرِين،
مَتان مُون کي ڇَڏِيين، آرِياڻِي اَنوَرَ،
آھي عَبدالَطِيفُ کي، پِيراڻِي پاکَرَ.
[ سُر معذوري، وايون، 12 ]
موٽُ سَٻاجها سُپِرِين،
مَتان مُون کي ڇَڏِيين، آرِياڻِي اَنوَرَ،
آھي عَبدالَطِيفُ کي، پِيراڻِي پاکَرَ.
[ سُر معذوري، وايون، 12 ]
جَي نَہ رَھِئا راتِ، تَہ ڪِھَڙو سُکُ سَرَتِيُون،
ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ جي، مُٺِي مُلاقاتِ،
مَتان مُٺِي ڇَڏِيين، طَلَبَ پِريان جِي تاتِ،
آئُون تان جوٺِي ذاتِ، تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِين.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 18 ]
ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ جي، مُٺِي مُلاقاتِ،
مَتان مُٺِي ڇَڏِيين، طَلَبَ پِريان جِي تاتِ،
آئُون تان جوٺِي ذاتِ، تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِين.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 18 ]
سارِيان ٿِي سَبِيلَ، پُرِ تَقصِيرُون پاڻَ ڏي،
مَتان مُون کي ڇَڏِيين، آرِي ڄامَ اَصِيلَ،
وَرُ وِلَهَنِ جا وَسِيلَ، رَسِجِ رَھبَرَ راھَ ۾.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 9 ]
مَتان مُون کي ڇَڏِيين، آرِي ڄامَ اَصِيلَ،
وَرُ وِلَهَنِ جا وَسِيلَ، رَسِجِ رَھبَرَ راھَ ۾.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 9 ]
تانۡ ڪا وَرِ ڪِجا، ڪَمِيڻِيءَ تي ڪيچِيا،
آئُون اَوِھان جِي آھِيان، ٻانِهي ٻاروچا،
دِلِاسي دوسا، مَتان مُون کي ڇَڏِيين.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 11 ]
آئُون اَوِھان جِي آھِيان، ٻانِهي ٻاروچا،
دِلِاسي دوسا، مَتان مُون کي ڇَڏِيين.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 11 ]
English Meaning
Leaving, getting rid off, left, quit