ڇَڏِيُون جي سنڌي معنيٰ
ترڪ ڪيون، ڦٽي ڪيون. تياڳيون. رِها ڪيون. معاف ڪيون. (ڇڏڻ جو ماضي زمان)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Left, quit, got rid off.
ڇَڏِيُون جا بيتن ۾ حوالا
ھَڻَندي ٿَڪَمِ ھَٿَ، ھِينئَڙي حُجُون ڇَڏِيُون،
لَڪُ لَهرِنِ گَڏِئو، مَوجُون وَرِيُون مَٿَ،
نِيَمِ ڪُنَ قُوَتَ، ڀِرُ ڀَليرا سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 23 ]
لَڪُ لَهرِنِ گَڏِئو، مَوجُون وَرِيُون مَٿَ،
نِيَمِ ڪُنَ قُوَتَ، ڀِرُ ڀَليرا سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 23 ]
ھِينئَڙي حُجُون ڇَڏِيُون، قُوَتَ رَھِيَم ڪانَہ،
مُون تي موٽِجِ مُون پِرِين، ساھَڙَ ڄامَ سُڄاڻُ،
آھِيان گهَڻو اَڄاڻُ، ڀِرُ ڀَليرا سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 24 ]
مُون تي موٽِجِ مُون پِرِين، ساھَڙَ ڄامَ سُڄاڻُ،
آھِيان گهَڻو اَڄاڻُ، ڀِرُ ڀَليرا سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 24 ]
آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، ڪارِي ٿِي قِيامَ،
ھَٿَنِ حاجُون ڇَڏِيُون، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
مارِيسِ تَنھِين مامَ، ھوتَ ھَلَندي جا چَئِي.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 10 ]
ھَٿَنِ حاجُون ڇَڏِيُون، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
مارِيسِ تَنھِين مامَ، ھوتَ ھَلَندي جا چَئِي.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 10 ]
ڪاڪِ نَہ جَهلِئا ڪاپَڙِي، موھِئا نَہ مَحلَنِ،
ٻانِهيُنِ ۽ ٻائِنِ جي، ٻَنڌَڻِ ڪِينَ ٻَجهَنِ،
لَکين لاھُوتِيَنِ، اِھَڙِيُون اوري ڇَڏِيُون.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 17 ]
ٻانِهيُنِ ۽ ٻائِنِ جي، ٻَنڌَڻِ ڪِينَ ٻَجهَنِ،
لَکين لاھُوتِيَنِ، اِھَڙِيُون اوري ڇَڏِيُون.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 17 ]
سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، مُومَلَ مَتِ ٿِئو،
تو جو ڪالَهہ ڪِئو، تَنھِن مَدِيُون ميٽي ڇَڏِيُون.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 5 ]
تو جو ڪالَهہ ڪِئو، تَنھِن مَدِيُون ميٽي ڇَڏِيُون.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 5 ]
ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، جَنِ ڄاڻِي ڇَڏِيُون ڄَٽُون،
ويٺا ڪَنِ وَٽُون، ھَلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 10 ]
ويٺا ڪَنِ وَٽُون، ھَلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 10 ]
ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، جَنِ ڇَڏِيُون ڄاڻِي ڄٽائُون،
خُودِي کانيائُون، ھَلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 11 ]
خُودِي کانيائُون، ھَلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 11 ]
ڪيرَ ڪَرِيندِي رِيسَ، آيَلِ سَنگهارَنِ سين،
جَنِي جِيءَ خَمِيسَ، واڙِيُون واري ڇَڏِيُون.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 9 ]
جَنِي جِيءَ خَمِيسَ، واڙِيُون واري ڇَڏِيُون.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 9 ]
وَقتُ وِڃائي ويھُ، قَضا جِي ڪا مَ ڪَرِ،
ھِيءُ تَنِي جو ڏيھُ، ٻَئِي جَنِي ڇَڏِيُون.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 14 ]
ھِيءُ تَنِي جو ڏيھُ، ٻَئِي جَنِي ڇَڏِيُون.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 14 ]
جهنگَلِ ھَلِئا سي نَہ ڀُلئا، راھَ ھَلِئا ڦُرجَنِ،
اَوَجَهڙِ سي نَہ پَوَنِ، ٻيئِي جَنِي ڇَڏِيُون.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 9 ]
اَوَجَهڙِ سي نَہ پَوَنِ، ٻيئِي جَنِي ڇَڏِيُون.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 9 ]
English Meaning
Left, quit, got rid off.