ڍورُ جي سنڌي معنيٰ
ڍورو، درياھُ، سنڌو درياءَ جي ھڪ پراڻي وھڪري جو نالو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Name of one old water way of Indus. Water way, river.
ڍورُ جا بيتن ۾ حوالا
سُڪو ڍورُ ڊَھِيُون ٿِئو، ڪَنڌِيءَ ڏِنِي ڪَرَ،
جَنِ جي پاڳُنِ ۾ پَرَ، سي پِئا وِيرَ وِماسَ ۾.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 9 ]
جَنِ جي پاڳُنِ ۾ پَرَ، سي پِئا وِيرَ وِماسَ ۾.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 9 ]
سَچُ ڪِ سُڪو ڍورُ، ڪَنڌِيءَ اَڪَ ڦُلارِئا،
جُنگَنِ ڇڏِئو زورُ، سَرُ سُڪو سُونگِي گَيا.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 13 ]
جُنگَنِ ڇڏِئو زورُ، سَرُ سُڪو سُونگِي گَيا.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 13 ]
جَڏھِن ڍاڳِي ڍورُ، ٻَئِي وَھَنِ ٻَلِيارَ ۾،
تَڏِھِين تازِيُنِ تورُ، ھو جَسودَنَ سين.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 15 ]
تَڏِھِين تازِيُنِ تورُ، ھو جَسودَنَ سين.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 15 ]
ڪَنڊا تُون ڪيڏو، جَڏھِن ڀَرِيوئِي ڍورُ وَھي،
جَسودَنَ جيڏو، تو ڪو ڏِٺو پَھِيَڙو؟
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 6 ]
جَسودَنَ جيڏو، تو ڪو ڏِٺو پَھِيَڙو؟
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 6 ]
ڍورُ نَہ اڳِيئَن ڍارَ، مَھِندِ مَلاحَنِ لَکِئو،
موڙي چُرِئا مَڪُرا، پَسِي پاڻِيءَ پارَ،
جَسودَنَ جِھَڙا يارَ، پِئا ويرَ وِماسَ ۾.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 8 ]
موڙي چُرِئا مَڪُرا، پَسِي پاڻِيءَ پارَ،
جَسودَنَ جِھَڙا يارَ، پِئا ويرَ وِماسَ ۾.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 8 ]
سُڪِي ڍورُ ڊَھِيُون ٿِئو، ڪَنڌِيءَ ڏِنو ڪائو،
پاڻِي پَٽِيھَلَ ۾، اَڳِيُون نَہ آئو،
ماڻُهنِ ميڙائو، ڪَنِي ڪَنِي ڀيڻِيين.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 10 ]
پاڻِي پَٽِيھَلَ ۾، اَڳِيُون نَہ آئو،
ماڻُهنِ ميڙائو، ڪَنِي ڪَنِي ڀيڻِيين.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 10 ]
English Meaning
Name of one old water way of Indus. Water way, river.