ڍِلو جي سنڌي معنيٰ
ٿوري رفتار وارو، آهستو، ڌيمو، ڍرو. گِرگلو، موڪرو، ويڪرو ڪپڙو وغيرہ. سُست، ڪاهل، غافل.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Sterile, barren, giving little milk a cow.. slack, loose.
ڍِلو جا بيتن ۾ حوالا
ڇَنَ ڇَڏي پَئُہ ٻَنَ، نَئِين ڀَرِ اَڏِ مَ نِجِهرو،
ڪانڌَ سَويري نَہ ڪِيَئِي، پَکِي جِي پَرَنَ،
مُون جُهڙُ ڏِٺي اُڀَ ۾، وِڄُون ڪَنِ وَرَنَ،
سانوَڻَ جي سَمُنَ، مَتان ڍولَ ڍِلو وَھين.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 17 ]
ڪانڌَ سَويري نَہ ڪِيَئِي، پَکِي جِي پَرَنَ،
مُون جُهڙُ ڏِٺي اُڀَ ۾، وِڄُون ڪَنِ وَرَنَ،
سانوَڻَ جي سَمُنَ، مَتان ڍولَ ڍِلو وَھين.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 17 ]
مَ ڪَرِ ڍولَ ڍِلو، ناتو نِماڻِيُنِ سين،
ڪونِهي ڪَمِيڻِيَنِ جو، بِگَرِ تو بِلو،
تُنھِنجو نانءُ نِلو، وَٺِئو ويٺِي آھِيان.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 6 ]
ڪونِهي ڪَمِيڻِيَنِ جو، بِگَرِ تو بِلو،
تُنھِنجو نانءُ نِلو، وَٺِئو ويٺِي آھِيان.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 6 ]
ڍِنگهَرُ ڍِلو مَ ٿِئي، اَڏِئو جو اوڏَنِ،
جَنھِن ڀَرِ ويھِي ڪَنِ، ليکو لاکي ڄامَ سين.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 24 ]
جَنھِن ڀَرِ ويھِي ڪَنِ، ليکو لاکي ڄامَ سين.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 24 ]
English Meaning
Sterile, barren, giving little milk a cow.. slack, loose.