ڏاڪا جي سنڌي معنيٰ
لَڪ، جبل جا چاڙهيڪا، ڏاڪڻ جي پير رکڻ لاءِ ڪاٺيون، منزل جا پد، ڏاڪڻ جا طبقا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Stages, hilly ups downs, steps
ڏاڪا جا بيتن ۾ حوالا
آڏَ تِراڇا آھُڙا، ڏُونگَرَ کي ڏاڪا،
ڪِيَمِ آھَ عَجِيبَ کي، سِڪَ مَنجهان سا ڪا،
پيئِي ھِيڻِيءَ جِي ھوتَ کي، ڪُوڪَ وَڃِي ڪَنِ ڪا،
مُنھِنجو وَسُ واڪا، ٻُڌَڻُ ڪَمُ ٻَروچَ جو.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 1 ]
ڪِيَمِ آھَ عَجِيبَ کي، سِڪَ مَنجهان سا ڪا،
پيئِي ھِيڻِيءَ جِي ھوتَ کي، ڪُوڪَ وَڃِي ڪَنِ ڪا،
مُنھِنجو وَسُ واڪا، ٻُڌَڻُ ڪَمُ ٻَروچَ جو.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 1 ]
آڏَ تِراڇا آھُڙا، ڏُونگَرَ کي ڏاڪا،
وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، بَرِ چَڙِهي بانڪا،
ڦَٽِئا ڦَڻَ فَقِيرِ جا، چَڙَھَندي چَڙَھَندي چَڙاھاڪا،
ھُيَنِ جِيءَ اَندَرِ جا ڪا، وِئا پُڄائي پانھِنجِي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 2 ]
وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، بَرِ چَڙِهي بانڪا،
ڦَٽِئا ڦَڻَ فَقِيرِ جا، چَڙَھَندي چَڙَھَندي چَڙاھاڪا،
ھُيَنِ جِيءَ اَندَرِ جا ڪا، وِئا پُڄائي پانھِنجِي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 2 ]
آڏَ تِراڇا آھُڙا، ڏاڪا ڏُونگَرَ کي،
ھُو جٖي وَڻَ وِندُرَ جا، مارِيندا مُون کي،
ھاڙھو ھِيڻِيءَ کي، لَنگهائيجِ لَطِيفُ چئَي،
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 3 ]
ھُو جٖي وَڻَ وِندُرَ جا، مارِيندا مُون کي،
ھاڙھو ھِيڻِيءَ کي، لَنگهائيجِ لَطِيفُ چئَي،
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 3 ]
English Meaning
Stages, hilly ups downs, steps