ڏُٿَ جي سنڌي معنيٰ
جهنگ جي گاھ ٻوڙن، ٻوٽن، وڻن مان پيدا ٿيل اَن، کاڌو ڏونئرا، ٽُوھَ جو ٻج، سانئُون پُسي، مانڌاڻو، مکڻي، ڀُرُٽُ، ڪُوري، ڪِرِنگهہ، منگها، مرٽ، پٽ بصر، ڪوڍير، گولاڙو، لَيَار وغيرہ ڪک.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Local vegitable of wild herbs in Thar.
ڏُٿَ جا بيتن ۾ حوالا
کَڻَنِ نَہ کَرڪاڻَ، پَنڌِ پَراھين ھَلِئا،
ڏوٿِيڙا ڪَنھِن ڏُٿَ کي، جُنبِئا ڏُونھُن جابانَ،
کاھوڙِيَنِ اُھڃاڻَ، اَنگِ نَہ سَڄِي اَڳِڙِي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 26 ]
ڏوٿِيڙا ڪَنھِن ڏُٿَ کي، جُنبِئا ڏُونھُن جابانَ،
کاھوڙِيَنِ اُھڃاڻَ، اَنگِ نَہ سَڄِي اَڳِڙِي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 26 ]
پارِئا پُڇِي آءُ، خَبَرَ کاھوڙِيَنِ جِي،
ڏوٿِينِ ڏُونگَرِئان، ڪَنھِن پَرِ ڏورِئو ڏُٿَ کي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 4 ]
ڏوٿِينِ ڏُونگَرِئان، ڪَنھِن پَرِ ڏورِئو ڏُٿَ کي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 4 ]
وِئا وِھائُو، ڏوٿِي ڏورا ڏُٿَ جا،
پَٻَ جا پُڇائُو، مُئا کاھوڙِي ماٺِ ٿِي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 16 ]
پَٻَ جا پُڇائُو، مُئا کاھوڙِي ماٺِ ٿِي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 16 ]
ڏُونگَرين ڏِسجَن، اَڳي رَيُون اُنِ جُون،
ڏوٿيَڙا ڏُٿَ کي، آراڙِ اَچَنِ،
خِيما کاھوڙِيَنِ، اَڄُ نَہ اُنِهين ڀيڻِيين.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 13 ]
ڏوٿيَڙا ڏُٿَ کي، آراڙِ اَچَنِ،
خِيما کاھوڙِيَنِ، اَڄُ نَہ اُنِهين ڀيڻِيين.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 13 ]
فِڪرُ ۽ فاقو، مَرَڪُ مارُوئڙَنِ جو،
ڪَڏِھِين ڪَڏِھِين ڏُٿَ جو، چَکَنِ چُئاڪو،
ھِڪُ اَندَرِ اولاڪو، ٻِي وِنجُهلَ ويڙِهيچَنِ جِي.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 12 ]
ڪَڏِھِين ڪَڏِھِين ڏُٿَ جو، چَکَنِ چُئاڪو،
ھِڪُ اَندَرِ اولاڪو، ٻِي وِنجُهلَ ويڙِهيچَنِ جِي.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 12 ]
جائُون ڪُجائُون، جُهوپو جهانگِيَڙَنِ جو،
سُکِ نَہ سُتا ڪَڏِھِين، ٻيلاسي ٻانھُون،
ڏِينھَڪُ وَڃَنِ ڏُٿَ کي، پارا پَراھُون،
اُنِين کي آئُون گَڏِ تَہ گُوندَرِ نَہ پَوان.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 20 ]
سُکِ نَہ سُتا ڪَڏِھِين، ٻيلاسي ٻانھُون،
ڏِينھَڪُ وَڃَنِ ڏُٿَ کي، پارا پَراھُون،
اُنِين کي آئُون گَڏِ تَہ گُوندَرِ نَہ پَوان.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 20 ]
اُٿِئو اُٿِئو ڪَنِ، ھَلو ڏورِيُون ڏُٿَ کي،
پاڻِي پوٽَڙِيَنِ ۾، ڪُونڌرَ سِر ڪُلَهنِ،
ڏورا ڏُورِ سُڄَنِ، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 15 ]
پاڻِي پوٽَڙِيَنِ ۾، ڪُونڌرَ سِر ڪُلَهنِ،
ڏورا ڏُورِ سُڄَنِ، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 15 ]
English Meaning
Local vegitable of wild herbs in Thar.