ڏِينِ جي سنڌي معنيٰ
حوالي ڪن، سونپن، ڪا شئي ٻئي وٽ رکن. عطا ڪن، بخشن، دان ڪن، خيرات ڪن. امداد ڪن. پيش ڪن، نذر ڪن. ادا ڪن، چُڪائن.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Give, grant, permit, donate, hand over
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
ڏِينِ جا بيتن ۾ حوالا
وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڳِجُهون ڳارا ڏِينِ،
ماري اُڃَ ماندِي ڪِي، جهولا جَهڙَپِينِ،
ڦِرئو ڦيرا ڏِينِ، بُکِئا پَکِي بَرَ جا.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 18 ]
ماري اُڃَ ماندِي ڪِي، جهولا جَهڙَپِينِ،
ڦِرئو ڦيرا ڏِينِ، بُکِئا پَکِي بَرَ جا.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 18 ]
ڏوٿِي ڏَسُ ڏِينِ، آيَلِ ٻاروچَنِ جو،
اُتي ڇَڏي ھَلِئا، جِتي مِرُون ٿا مارِينِ،
اَچِئو ٿِيَنِ اوڏِڙا، ڏَمَرَ ڏيکارِينِ،
وَڃان واٽَ نَہ ڏِينِ، جو پيرُ نِھارِئان پِرِينءَ جو.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 6 ]
اُتي ڇَڏي ھَلِئا، جِتي مِرُون ٿا مارِينِ،
اَچِئو ٿِيَنِ اوڏِڙا، ڏَمَرَ ڏيکارِينِ،
وَڃان واٽَ نَہ ڏِينِ، جو پيرُ نِھارِئان پِرِينءَ جو.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 6 ]
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪَڙَڪا ڪُنَ ڪَرِينِ،
ٻِڇَلَ ٻانڌِي ٻارِيُون، جِتِ لَهرِيُون لوڏا ڏِينِ،
شَناوَرَ سامِها، سِيڻاھِيا نَہ سَنڊينِ،
وِيرِيُون واٽَ نَہ ڏِينِ، ساھَڙَ سِيرَ لَنگهائيين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 7 ]
ٻِڇَلَ ٻانڌِي ٻارِيُون، جِتِ لَهرِيُون لوڏا ڏِينِ،
شَناوَرَ سامِها، سِيڻاھِيا نَہ سَنڊينِ،
وِيرِيُون واٽَ نَہ ڏِينِ، ساھَڙَ سِيرَ لَنگهائيين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 7 ]
ڀَلا ئِي آھِينِ، پِرِين ڀَلائِيءَ پانھِنجي،
سَٻاجها سِرِ چَڙِهي، ڏوراپو نَہ ڏِينِ،
جَي مُون ڏانھَن مَدِيُون ٿِيَنِ، تَہ سَڄَڻَ سَڄايُنِ ۾.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 37 ]
سَٻاجها سِرِ چَڙِهي، ڏوراپو نَہ ڏِينِ،
جَي مُون ڏانھَن مَدِيُون ٿِيَنِ، تَہ سَڄَڻَ سَڄايُنِ ۾.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 37 ]
اَصلِ عاشِقَ پانھِنجي، سِسِي نَہ سانڍِينِ،
لاھِئو سِرُ لَطِيفُ چئَي، ساھُ سَلاڙِئو ڏِينِ،
ڪُلَھَنِئُون ڪاٽِينِ، پُڇَنِ پوءِ پِريَتڻُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 30 ]
لاھِئو سِرُ لَطِيفُ چئَي، ساھُ سَلاڙِئو ڏِينِ،
ڪُلَھَنِئُون ڪاٽِينِ، پُڇَنِ پوءِ پِريَتڻُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 30 ]
اورِيائِينِ آڻِينِ، ميڙِئو مُعلِمَ خَبَرُون،
سا سُڌِ ڪَھِين نَہ ڏِينِ، جِتي وَھُ ويڌَ ڪَري.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 18 ]
سا سُڌِ ڪَھِين نَہ ڏِينِ، جِتي وَھُ ويڌَ ڪَري.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 18 ]
اُڀِيُون تَڙَ پُوڄِينِ، وَھُون وَڻِجارَنِ جُون،
آڻِيو اَکا ڏِينِ، کَٿُورِي سَمُنڊَ کي.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 11 ]
آڻِيو اَکا ڏِينِ، کَٿُورِي سَمُنڊَ کي.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 11 ]
سِڙَه سُڃاڻِيو چوءِ، ماءَ سامُونڊِي آيا،
بَرِڪَتَ مُحَّمَدُ مِيرَ جي، اَڱڻُ سُرَھو ٿِيو،
سِڪَندي مُون سالَ ٿِئا، وَڻِجارو آيو،
ماڻُهو ڏِينِ مُبارَڪُون، اِھو پُڻ ڏِينھُن ٿِئو،
اُنِ جو عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سَفَرُ سابِ پِئو.
[ سُر سامونڊي، وايون، 4 ]

ڪا جَا ڪُنَ ڪَرِينِ، ڀِنِيءَ ڀُڻِ جُهڻِ پاڻَ ۾،
آڌِي اُنهِينءَ آبَ کي، اَکِيُون اُڪيرِينِ،
توڙي تِڪُون ڏِينِ، تَہ اُڃَ اُنَ کي نَہ لَھي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 21 ]
آڌِي اُنهِينءَ آبَ کي، اَکِيُون اُڪيرِينِ،
توڙي تِڪُون ڏِينِ، تَہ اُڃَ اُنَ کي نَہ لَھي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 21 ]
ڳَورا ٻَئِي پارَ، ھِنيُون حَيرَتَ ۾ پِئو،
وِھان تَہ ويرَ مَ ٿِئي، نِينھَن ۾ پوءِ نِھارَ،
وَڃان تَہ واڪو پَئي، پاڙي پوءِ پَچارَ،
ھُتِ ٿِي وَعدي وارَ، ھِتِ سُوٽُون ڏِينِ سَرَتِيُون.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 26 ]