کَرَنِ جي سنڌي معنيٰ
بدخواھن، رقيبن، سڙندڙن، مَدن، ويرين.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Rivals, foes, enemies, bad wishers.
کَرَنِ جا بيتن ۾ حوالا
راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، ڀائِي گُهرِجي ڀَلُ،
آھُرَ جِيُون ايلاچِيُون، چَندَنُ چَرئَو چَلُ،
مُون توھِي سين ڳالِهڙِي، ٻِئي ڪَنھِين مَ سَلُ،
ھاھُرَ ڪَندو ھَلُ، تَہ کِجايُون کَرَنِ کي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 1 ]
آھُرَ جِيُون ايلاچِيُون، چَندَنُ چَرئَو چَلُ،
مُون توھِي سين ڳالِهڙِي، ٻِئي ڪَنھِين مَ سَلُ،
ھاھُرَ ڪَندو ھَلُ، تَہ کِجايُون کَرَنِ کي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 1 ]
راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، پِرتِ نَئِين پَنڌُ پَسُ،
مَيا مَحبُوبَنِ ڏي، وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ،
راتِين ھَلِي رَسُ، کَرَنِ خَبَرَ نَہ ٿِئي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 3 ]
مَيا مَحبُوبَنِ ڏي، وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ،
راتِين ھَلِي رَسُ، کَرَنِ خَبَرَ نَہ ٿِئي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 3 ]
کاڻا لاڻا ڪَرَھا، چانگا ھَڏِ مَ چَرُ،
سُڄي ٿو سَيِّدُ چئَي، اَڳِئان بيدِي بَرُ،
ڍَڪِيءَ ھَلِي ڍَرُ، تَہ کَرَنِ خَبَرَ نَہ ٿِئي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 37 ]
سُڄي ٿو سَيِّدُ چئَي، اَڳِئان بيدِي بَرُ،
ڍَڪِيءَ ھَلِي ڍَرُ، تَہ کَرَنِ خَبَرَ نَہ ٿِئي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 37 ]
اَڄُ پُڻ اَڇائِي، چوڏِھيِنءَ ماھَ چَنڊَ جي،
مُون ڏُونھَن مُون پِرِيَنِ جي، اَچَڻَ جِي وائِي،
مُون گهَرِ واڌائِي، پيئِي کامِ کَرَنِ ۾.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 14 ]
مُون ڏُونھَن مُون پِرِيَنِ جي، اَچَڻَ جِي وائِي،
مُون گهَرِ واڌائِي، پيئِي کامِ کَرَنِ ۾.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 14 ]
ساجَنَ سِپاھِي، آئُون اَوَھانجو آھِيان،
اَچان ويلَ سَڀَ ڪَنھِن، وَڃان واجهائِي،
لالَڻَ تو لائِي کيڪارِئُمِ کَرَنِ کي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 12 ]
اَچان ويلَ سَڀَ ڪَنھِن، وَڃان واجهائِي،
لالَڻَ تو لائِي کيڪارِئُمِ کَرَنِ کي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 12 ]
ڪا ڪا ڪَمُ اُٻَھرو، آرَسُ ڪَرِ مَ اِيئَن،
جاڳُ پَرِ نَہ زورِ پَئُہ، وانءَ وَھلَو وَسِيئَن سِيئَن،
سَنِيھَڙا سَيِّدُ چئَي، چَئِجِ چَيَمِ جِيئَن،
تُون پُڻ آڻِجِ تِيئَن، جِيئَن کَرَنِ خَبَرَ نَہ پَئي.
[ سُر پورب، ڪانگ، 39 ]
جاڳُ پَرِ نَہ زورِ پَئُہ، وانءَ وَھلَو وَسِيئَن سِيئَن،
سَنِيھَڙا سَيِّدُ چئَي، چَئِجِ چَيَمِ جِيئَن،
تُون پُڻ آڻِجِ تِيئَن، جِيئَن کَرَنِ خَبَرَ نَہ پَئي.
[ سُر پورب، ڪانگ، 39 ]
ڪِي جو ڪُنڀارَنِ، مِٽِيءَ پائي مَنِئو،
تَنھِين مان تِرَ جيتَرِي، جي پَئي خَبَرَ کَرَنِ،
ھِي تان ھُوندَ مَرَنِ، ھُنِ اَڱَڻِ اوراتو ٿِئي.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 14 ]
تَنھِين مان تِرَ جيتَرِي، جي پَئي خَبَرَ کَرَنِ،
ھِي تان ھُوندَ مَرَنِ، ھُنِ اَڱَڻِ اوراتو ٿِئي.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 14 ]
ڪوجها نَظَرَ ڪَنِ، اَکِيُنِ اَدَبُ ڇڏِئو،
کَرَنِ ساڻُ کِلَنِ، وَھِ پِيو وِڙَنِ سين.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 26 ]
کَرَنِ ساڻُ کِلَنِ، وَھِ پِيو وِڙَنِ سين.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 26 ]
سِڪَ سِڪائي سِکُ، سِڪَ نَہ آھي سُٿِرِي،
لِڪَ لِڪوٽِيءَ لِڪُ، تَہ خَبَرَ ٿِئي نَہ کَرَنِ کي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 2 ]
لِڪَ لِڪوٽِيءَ لِڪُ، تَہ خَبَرَ ٿِئي نَہ کَرَنِ کي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 2 ]
خَبَرَ ٿِئي کَرَنِ کي، تَہ مُون کي ڪَندا ڪوھُ،
صُورَتَ سُپَيرِيَن جِي، ڏِٺي ڪو نَہ ڏوھُ،
لورِي لَڳُمِ لوھُ، جَنھِين رَتُ رُئاڙِئو.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 3 ]
صُورَتَ سُپَيرِيَن جِي، ڏِٺي ڪو نَہ ڏوھُ،
لورِي لَڳُمِ لوھُ، جَنھِين رَتُ رُئاڙِئو.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 3 ]
English Meaning
Rivals, foes, enemies, bad wishers.