ڪارَڻِي جي سنڌي معنيٰ
فاعل، ڪرڻ وارو، ڪندڙ ڪم. نائب، گماشتو، ڀَلاوڻو. سنڀاليندڙ، مددگار، حامي، سرپرست. ڀرجهلو. والي وارث. وسيلو، ذريعو. ڪارساز. شفاعت ڪندڙ، شافِعُ.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
An heir. Guardian
ڪارَڻِي جا بيتن ۾ حوالا
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، جانۡ ٿو چَئِين اِيئَن،
تانۡ مَڃُ مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، نِرتو مَنجهان نِينھَن،
تان تُون وَڃِئو ڪِيئَن، نائِين سِرُ ٻِئَنِ کي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 2 ]
تانۡ مَڃُ مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، نِرتو مَنجهان نِينھَن،
تان تُون وَڃِئو ڪِيئَن، نائِين سِرُ ٻِئَنِ کي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 2 ]
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، جَڏھِن چَيو جَنِ،
تَنِ مَڃِئو مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، ھيجا ساڻُ ھِنيَنِ،
تَڏِھِين مَنجهان تَنِ، اَوَتَڙِ ڪونَہ اولئِو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 3 ]
تَنِ مَڃِئو مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، ھيجا ساڻُ ھِنيَنِ،
تَڏِھِين مَنجهان تَنِ، اَوَتَڙِ ڪونَہ اولئِو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 3 ]
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، جَنِ اُتو سين اِيمانَ،
تَنِ مَڃِئو مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻُ لِسانَ،
اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمانَ، اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِئا.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 4 ]
تَنِ مَڃِئو مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻُ لِسانَ،
اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمانَ، اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِئا.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 4 ]
تَران تَہ مَران، وَران تَہ وَھُ وِتَرو،
ھِينئَڙي ۾ ھوتَنِ جا، اَچَنِ گهورَ گَهڻا،
پَسِئو پاڙي وارِيُون، ڏِسِئو ڏوھَ ڏَران،
وِچان ڪِيئَن وَران، جِيئَن ڪَنڌِيءَ مُنھِنجو ڪارَڻِي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 16 ]
ھِينئَڙي ۾ ھوتَنِ جا، اَچَنِ گهورَ گَهڻا،
پَسِئو پاڙي وارِيُون، ڏِسِئو ڏوھَ ڏَران،
وِچان ڪِيئَن وَران، جِيئَن ڪَنڌِيءَ مُنھِنجو ڪارَڻِي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 16 ]
طَعني لاءِ تَران، مَٿي وَھَ واڪا ڪِئو،
مُون کي سِڪَ سَيِّدُ چئَي، مَرُ مَحَبتَ مَنجِهہ مَران،
وِچان ڪِيئَن وَران، جُھ ڪَنڌِيءَ مُنھِنجو ڪارَڻِي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 17 ]
مُون کي سِڪَ سَيِّدُ چئَي، مَرُ مَحَبتَ مَنجِهہ مَران،
وِچان ڪِيئَن وَران، جُھ ڪَنڌِيءَ مُنھِنجو ڪارَڻِي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 17 ]
اَدا اي ٻانڌِي ٻيٽَنِ وارا، اي ريٽَن وارا ڪِٿي پِرِيَنِ پارُ،
ڪَنڌِيءَ ڪَندُمِ ڪارَڻِي، ساھَڙ ڄامُ سَتارُ،
ساڻِي ٿيندو سِيرَ ۾، مَدَتَ مُون ميھارُ،
ڏاتَرَ مُون ڏيکارِيين، دوسِتَنِ جو دِيدارُ،
ماڻُهُنِ ليکي ميهَڻُو، ساھَڙُ مُون سِينگارُ.
[ سُر سھڻي، وايون، 21 ]
ڪَنڌِيءَ ڪَندُمِ ڪارَڻِي، ساھَڙ ڄامُ سَتارُ،
ساڻِي ٿيندو سِيرَ ۾، مَدَتَ مُون ميھارُ،
ڏاتَرَ مُون ڏيکارِيين، دوسِتَنِ جو دِيدارُ،
ماڻُهُنِ ليکي ميهَڻُو، ساھَڙُ مُون سِينگارُ.
[ سُر سھڻي، وايون، 21 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جَبَلَ جِتِ جَهجها،
موٽُ مُحَّمَدَ ڪارَڻِي، عالَمَ جا اَجها،
پُنهونءَ ري سَنجها، مُون ووڙِيندِيءَ وَرُ مِلي،
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 2 ]
موٽُ مُحَّمَدَ ڪارَڻِي، عالَمَ جا اَجها،
پُنهونءَ ري سَنجها، مُون ووڙِيندِيءَ وَرُ مِلي،
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 2 ]
گُلُ ڇِنُو گِرنارَ جو، ڌَٻِڪِئو دُئارُ،
ڪوڙيِين سَندو ڪارَڻِي، اَڙِيَنِ جو آڌارُ،
وَسِيلو وِلهَنِ جو، سَڀَنِي جو سَردارُ،
اِھَڙو راءِ کَنگهارُ، وِئو جهوري جُهونا ڳَڙَه کي.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 4 ]
ڪوڙيِين سَندو ڪارَڻِي، اَڙِيَنِ جو آڌارُ،
وَسِيلو وِلهَنِ جو، سَڀَنِي جو سَردارُ،
اِھَڙو راءِ کَنگهارُ، وِئو جهوري جُهونا ڳَڙَه کي.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 4 ]
مُون کي دوسِتَ حَبِيبَ جو، آسِرو آھي،
جان جان اوڏا ڪَرَھا، پُڄان تان ڪاھي،
موٽُ مُنھِنجا سُپِرِين، واڳُون وَرائي،
آھي ڪَمُ ڪَرِيمَ جو، جِيئَن لَڱا لَنگهائي،
لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي، مُوڙَھا مِلائي،
شَفاعَتَ جا شَفيعَ جي، تَنھِن ۾ ڦيرُ ھَڏِ ناھي،
مِيرُ مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، جو اَڙِئا ڇُٽائي.
[ سُر بلاول، وايون، 3 ]