ڪانِي جي سنڌي معنيٰ
سَرَ جو مٿيون ڀاڱو جنھن مان ٽوڪرا، کاريون، ڇَڄَ وغيرہ ٺھن، هيٺئين ڀاڱي مان قلم ٺھن، ڪانو، ڪِلڪَ، تيلي. تير، گَزُ. نَڙُ، نَڙانڊي، نڙاٽي ساز. قبر ڪڇڻ وارو ڪانو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The stick of Saccharum officinarum plant, a red. The beam of a pair of scales. A superficial measure. To measure a dead body.
ڪانِي جا بيتن ۾ حوالا
ظاھِرَ ۾ ظانِي، فِڪرَ ساڻُ فَنا ٿِئا،
تَنِي کي تَعِليمَ جِي، ڪُڙِه اَندَرِ ڪانِي،
حَرَفُ حَقانِي، دَورُ ڪِئائُون دِلِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 1 ]
تَنِي کي تَعِليمَ جِي، ڪُڙِه اَندَرِ ڪانِي،
حَرَفُ حَقانِي، دَورُ ڪِئائُون دِلِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 1 ]
جَا ڪَچِي ڪانِي ڪانھَنۡ، سا ٻُڏَ ڪَڍي ٻارِ مان،
يا لنگهائي لَطِيفُ چئَي، يا ڌُرِئا ڪَري دانھَن،
ڪَماحَقَّہٗ ڪَکَنِ جِي، آھي ڳالِهہ اَڳانھَن،
جيڪي ڏي ٻُڏَنِ ٻانھَن، نَہ تَہ ساڻَنِ وَڃي سِيرَ ۾.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 2 ]
يا لنگهائي لَطِيفُ چئَي، يا ڌُرِئا ڪَري دانھَن،
ڪَماحَقَّہٗ ڪَکَنِ جِي، آھي ڳالِهہ اَڳانھَن،
جيڪي ڏي ٻُڏَنِ ٻانھَن، نَہ تَہ ساڻَنِ وَڃي سِيرَ ۾.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 2 ]
تَران لاءِ طَعني، مَٿي وَھَ واڪا ڪِئو،
آڻي وِڌِيَسِ آرَ ۾ دَرياھَ ديواني،
قَلَمَ جي ڪانِي، آڻي اولِيَسِ اولَ ۾.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 18 ]
آڻي وِڌِيَسِ آرَ ۾ دَرياھَ ديواني،
قَلَمَ جي ڪانِي، آڻي اولِيَسِ اولَ ۾.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 18 ]
فانِي مِيان فانِي، دُنِيا دَمُ نَہ ھِڪِڙو،
لَٽي لوڙُه کَڙَنِ سين، جوڙِيندا جانِي،
ڪوڏَرِ ۽ ڪانِي، آھي سِرِ سَڀَ ڪَنھِن.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 16 ]
لَٽي لوڙُه کَڙَنِ سين، جوڙِيندا جانِي،
ڪوڏَرِ ۽ ڪانِي، آھي سِرِ سَڀَ ڪَنھِن.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 16 ]
بَروئي جِي بانِي، ڪَنھِن کان سِکِيين سُپِرِين،
آڻي ڏِيندَءِ ھَٿَ ۾، مَسُ قَلَمُ ڪانِي،
حَرَفُ پُڇَندَءِ، ھيڪِڙو، ظاھِرُ زَبانِي،
تَنِي اَڳِئان جانِي، ڪِھَڙِي ڪَرِيندين ڳالِهڙِي.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 17 ]
آڻي ڏِيندَءِ ھَٿَ ۾، مَسُ قَلَمُ ڪانِي،
حَرَفُ پُڇَندَءِ، ھيڪِڙو، ظاھِرُ زَبانِي،
تَنِي اَڳِئان جانِي، ڪِھَڙِي ڪَرِيندين ڳالِهڙِي.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 17 ]
جِيئَن سا ڪانِي ڪانھَنۡ، لَهسَندي لاتِيُون ڪَري،
اَچِي اُڀَرِي اوچِتِي، دَردَ پِريان جي دانھَن،
ويڄَ ڏَنڀِين ٿو ٻانھَن، سُورُ ھِنيَين کي سامُهُون.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 26 ]