ڪاپَڙِيَنِ جي سنڌي معنيٰ
سنياسِين، جوڳين. (اصل لفظ ڪاپو: محنت کان پوءِ ڪاپي، ڪاپڙيو، ڪاپڙي يعني جنهن کي آرام جي ڳڻتي نہ هجي.) دنيا جا لڳ لاڳاپا لاٿل فقيرن جي هڪ ذات.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Or or related with a caste og Jogis. Kind of Fakirs, roamers.
ڪاپَڙِيَنِ جا بيتن ۾ حوالا
وارو ويراڳِيَنِ کي، ويلَ مَ وِساريجِ،
قَدَمَ ڪاپَڙِيَنِ جا، لالائي لَھيجِ،
پَيرَتِ پَسِئو پَٿَ جِي، وَڃَڻَ کي وَڃيجِ،
راتو ڏِينھَن رِڙھيجِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 6 ]

قَدَمَ ڪاپَڙِيَنِ جا، لَڳا ۾ لاھُوتَ،
جَنِي سين ياقُوتَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 7 ]

آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، اُدُوھان اَچَنِ،
ڪِينَرَ ڪاپَڙِيَنِ جا، صُبوحِ تان نَہ سُڄَنِ،
وَڏي ڀاڳِ ڀِرَنِ آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 21 ]

نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ويچارا وِئا،
ڪِينَرَ ڪاپَڙِيَنِ جا، صُبُوحِ تان نَہ سُئا،
ھُوءِ جي ھِتِ ھُئا، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 43 ]

ڪِيَمِ ڪاپَڙِيَنِ جِي، پِھرِيين ڏِينھِن پَرُوڙَ،
سَگها ساٿَ نَہ ھيڪَڙِي، چارَئِي پَھَرَ چُورَ،
سَدائِين سَيِّدُ چئَي، ھُونِ سَناسِي ۾ سُورَ،
جوڳِي ساڻُ ضَرُورَ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 1 ]

مُونا طُورُ سِيناءَ ، سَندا سَناسِيَنِ،
پُورَڀِ کَنيو نَہ پاڻَ سين، بُعدُ بيراڳِيَنِ،
رِدا آھي رازَ جِي اوڇَڻُ آديسِيَنِ،
قُربُ ڪاپَڙِيَنِ، نَنھَن چوٽِيءَ سين ڍَڪِئو.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 3 ]

آديسِي آديسُ، ھِتان ڪَري ھَلِئا،
ڪاپَڙِيَنِ قَلبَ ۾، ڪِئو ڏُوراڻو ڏيسُ،
ويراڳِي نَئُون ويسُ، راوَلَ ڍَڪي رَمِئا.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 12 ]

اَڱَڻِ آھِينِ اَڄُ، صُبحِ ويندَءِ صابِرِي،
ڪِجِ ڪو ڪاپَڙِيَنِ مان، رُوحَ رُچَندو رَڄُ،
پيرَ اُنِين جا پُڄُ، مَتان سِڪين سَناسِيَنِ کي.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 2 ]

سَٻيرِيءَ سَيِّدُ چئَي، جَي ٿا پُڇَنِ اَنُ،
تَنِ ڪاپَڙِيَنِ ڪَنُ، جوڳِي چائِينِ جاڙَ ٿا.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 14 ]

وِلِهُون ويلا واءَ، سامِيَنِ سَٺا سِرَ تي،
اَجهو ري اللهَ، ڪونِهي ڪاپَڙِيَنِ جو.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 14 ]