ڪاڪِ جي سنڌي معنيٰ
مومل جي ماڙيءَ وارو شھر، مومل جو مڪان. جيسلمير رياست طرف ھڪ نَئن جو نالو (جنھن تي مومل جي ماڙي اڏيل ھئي). (صفت) قيد، بند. حُسن جي درٻارَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Kaak, name of area where palace of Moomal was situated.
ڪاڪِ جا بيتن ۾ حوالا
چَڙِهئا چاريئِي يارَ، سوڍا شِڪارِي،
ڪاھي وِئا ڪاڪِ تي، جِتِ مُومَلَ موچارِي،
بابُو گَڏِئُنِ بيکَ ۾، جَنھِن ڏِسِ ڏيکارِي،
فِڪرَ ساڻُ ڦِٽِي ڪِي، سوڍي سوپارِي،
موٽِئا نَہ ماري، ڪَؤُنرَ لَتاڙي ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 28 ]
ڪاھي وِئا ڪاڪِ تي، جِتِ مُومَلَ موچارِي،
بابُو گَڏِئُنِ بيکَ ۾، جَنھِن ڏِسِ ڏيکارِي،
فِڪرَ ساڻُ ڦِٽِي ڪِي، سوڍي سوپارِي،
موٽِئا نَہ ماري، ڪَؤُنرَ لَتاڙي ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 28 ]
تَنِ باغَنِئُون بَسِ، جي ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪَڪورِئا،
سوڍي ريءَ سَرَتِيُون، ڪاڪِ نَہ اَچِي ڪَسِ،
راڻي پائي رَسِ، تَنُ ٻيڙِي، جِيئَن تاڻِئو.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 21 ]
سوڍي ريءَ سَرَتِيُون، ڪاڪِ نَہ اَچِي ڪَسِ،
راڻي پائي رَسِ، تَنُ ٻيڙِي، جِيئَن تاڻِئو.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 21 ]
شَمعَ ٻارِيندي شَبَ، پِرھَ باکُون کوڙِيُون،
موٽُ مَران ٿِي مَينڌَرا، راڻا ڪارَڻِ رَبَ،
تُنھِنجِيءَ تاتِ طَلَبَ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 1 ]
موٽُ مَران ٿِي مَينڌَرا، راڻا ڪارَڻِ رَبَ،
تُنھِنجِيءَ تاتِ طَلَبَ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 1 ]
ويٺي ٻارِئَمَ ٻانگَ سِينءَ، ڪوڙيِين اَڄُ قَندِيلَ،
ھئَي ھئَي ھَنجُون ھارِيان، مَنجهان سِڪَ سَبِيلَ،
مَتان مُون کي ڇَڏِيين، جانِي لَڳِ جَلِيلَ،
آھَرَ تو اَصِيلَ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 2 ]
ھئَي ھئَي ھَنجُون ھارِيان، مَنجهان سِڪَ سَبِيلَ،
مَتان مُون کي ڇَڏِيين، جانِي لَڳِ جَلِيلَ،
آھَرَ تو اَصِيلَ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 2 ]
راڻي سين رِھاڻِ، ڪَندِي ھُيَسِ ڪاڪِ ۾،
موٽائي مَينڌَرو، اللهَ اَڱَڻِ آڻِ،
سي ھَنڌَ پَسِئو ھاڻِ، وَڃي ھِنيُون وِرڄِئو.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 17 ]
موٽائي مَينڌَرو، اللهَ اَڱَڻِ آڻِ،
سي ھَنڌَ پَسِئو ھاڻِ، وَڃي ھِنيُون وِرڄِئو.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 17 ]
ڪَندِي ھُيَسِ ڪاڪِ ۾، ھَي راڻي سين رِھاڻِ،
اَچِي پَسو جيڏِيُون، پِرِين وِڏوڻُو پاڻَ،
سي ھَنڌَ پَسِي ھاڻِ، وارِيءَ جِيئَن وِرڄي ھِينُون.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 18 ]
اَچِي پَسو جيڏِيُون، پِرِين وِڏوڻُو پاڻَ،
سي ھَنڌَ پَسِي ھاڻِ، وارِيءَ جِيئَن وِرڄي ھِينُون.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 18 ]
راڻِي ريٻارو، توڏانھن مُڪو تَڪِڙو،
لُڊُوڻان لَطِيفُ چئَي، مانجِهي موچارو،
صُبوحِ سَوارو، ڪاڪِ گِهڙندو ڪَرَھو.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 20 ]
لُڊُوڻان لَطِيفُ چئَي، مانجِهي موچارو،
صُبوحِ سَوارو، ڪاڪِ گِهڙندو ڪَرَھو.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 20 ]
ڪَرَھا، ڪارَڻِ ڪاھَ، توکي ڌَڻِيَنِ ڌارِئو،
ساري ڏيجِ سَيِّدُ چئَي، لُڊُوڻي تان لاھَ،
مُقابِلو مُومَلَ سين، ٿِيندُءِ سَنجَهہ صُباحَ،
سوڍي جِيءَ صَلاحَ، ڪَونئُرَ چَرَندين ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 22 ]
ساري ڏيجِ سَيِّدُ چئَي، لُڊُوڻي تان لاھَ،
مُقابِلو مُومَلَ سين، ٿِيندُءِ سَنجَهہ صُباحَ،
سوڍي جِيءَ صَلاحَ، ڪَونئُرَ چَرَندين ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 22 ]
ڪَرَھا ڪاڪِ چَري، وَنءُ وَڻانئُون نِڪِري،
لُڊُوڻان لَطِيفُ چئَي، آيو ڪو نَہ وَرِي،
گَهڻا اِتِ گِهڙِي، وَڳَ وِساري ھَلِئا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 23 ]
لُڊُوڻان لَطِيفُ چئَي، آيو ڪو نَہ وَرِي،
گَهڻا اِتِ گِهڙِي، وَڳَ وِساري ھَلِئا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 23 ]
نَنڍو تان ڪوھُ، پَرَ وِکُنِ آھي وِتَرو،
وَڃِي ڪاڪِ ڪَنڌِنِ ۾، پَھسَ پَکِيءَ جِيئَن پوءِ،
اِنَ ڪُرَ سَندو ڪوءِ، مَيو ماٺو نَہ ٿِيي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 24 ]
وَڃِي ڪاڪِ ڪَنڌِنِ ۾، پَھسَ پَکِيءَ جِيئَن پوءِ،
اِنَ ڪُرَ سَندو ڪوءِ، مَيو ماٺو نَہ ٿِيي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 24 ]
English Meaning
Kaak, name of area where palace of Moomal was situated.