ڪاڻِيارِنِ جي سنڌي معنيٰ
ڪاڻ وارين، غرضدارين ، محتاجِن، گهرجائو، ضرورتمندن ، ڪاڻياتين، پَروَسِ، حڪم هيٺ. مياري، قصور وارين، ڏوهي، حرفي، داغدار، عيبدارين.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Dependent, under influence of, in subjection to, indebted, under obligations.
ڪاڻِيارِنِ جا بيتن ۾ حوالا
پُڇي پاڙي وارِيُون، ڪوھُ ڪَرِيندو ڏَمُ،
ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، اِيءُ ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ،
ھِيءُ ھَڏو ۽ چَمُ، گهورِئو مُحِبَ ميھارَ تان.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 7 ]
ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، اِيءُ ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ،
ھِيءُ ھَڏو ۽ چَمُ، گهورِئو مُحِبَ ميھارَ تان.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 7 ]
سُھاڳُ پُڻ سَنبران، ڏُھاڳُ پُڻ ڏِٺومِ،
ھَي اَڀاڳي حالَ کي، ھَٿين ھارُ ڇُتومِ،
تِھان پوءِ ٿِئومِ، قَدُرُ ڪاڻِيارِنِ جو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 18 ]
ھَي اَڀاڳي حالَ کي، ھَٿين ھارُ ڇُتومِ،
تِھان پوءِ ٿِئومِ، قَدُرُ ڪاڻِيارِنِ جو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 18 ]
تَڙِ تَڪَڙِ تارِ گِهڙَڻُ، اِيءُ ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ،
ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن ۾، ڏي ڏوراپو ڏَمُ،
عَقُلُ مَتِ شَرَمُ، ٽيئي نِينھَن نِھوڙِئا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 1 ]