ڪاھِلِ جي سنڌي معنيٰ
سُست، ڍري، آرسي، ٽوٽي، ڪانھري، ڪاهِلي. ضعيف، ڏٻري. پوئتي پيل.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Lazy, sluggish, ill, sick, weak.
ڪاھِلِ جا بيتن ۾ حوالا
مَعلُومُ حالُ حَبِيبَ، مُون کي دَردُ قَدِيِمي وو،
دَردُ جَدِيدِي وو حُبَ حَبِيبِي وو،
آلُودِي آزارَ کان، تو ريءَ ٿِيَسَ طَبِيبَ،
شادِي ڏيِين صِحَتَ جِي، غَمِي لاھِ غَريِبَ،
ڪاھِلِ آھِيان ڪُوَڙِي، رَسِي لاھِ رَقِيبَ،
حاذِقُ آھِين ھِنَ جو، اَچين شالَ عَجِيبَ،
اَگِهي ٿِي آھُون ڪَرِيان، نَعرو مَنجِهہ نَصِيبَ،
دَوا آھِين دِلِ جِي، پُڇُ پُڇُ رَھيَسِ طَبِيبَ،
اَلا عَبدِالْلَطِيفَ کي، ڪوڙي لاءِ قَرِيبَ.
[ سُر آبڙي، وايون، 5 ]