ڪوجها جي سنڌي معنيٰ
بي ڊؤلا، بدشڪلا، بدصورت، گول مول. خراب، گدلا، ميرا. ڪمترين، گهٽ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Ugly, unbeautiful.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
ڪوجها جا بيتن ۾ حوالا
پَھَڻَنِ ڪِينَ پَروُڙِئو، پِٿُون پيرَ ٿِئامِ،
ثُمَّ لا يَمُوتُ فِيهَا وَلا يَحْيَا ، ھِھَڙا حالَ سَندامِ،
ڪوجها ڪِرتَ ڪِئامِ، جِيئَن ھوتَنِ ڇَڏيَسِ حَبِ ۾.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 17 ]
ثُمَّ لا يَمُوتُ فِيهَا وَلا يَحْيَا ، ھِھَڙا حالَ سَندامِ،
ڪوجها ڪِرتَ ڪِئامِ، جِيئَن ھوتَنِ ڇَڏيَسِ حَبِ ۾.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 17 ]
جِھَڙا ڪَڻِڄِ ڪَکَڙا، تِھَڙا جائِنِ ڦُلَ،
تَنِ سامِيَنِ جي سَڌَ مَران، جَنِ جي گودَڙِيُنِ ۾ گُلَ،
اَندَرِ مُلَ اَمُلَهہ، ٻَھَرِ ڪوجها ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 19 ]
تَنِ سامِيَنِ جي سَڌَ مَران، جَنِ جي گودَڙِيُنِ ۾ گُلَ،
اَندَرِ مُلَ اَمُلَهہ، ٻَھَرِ ڪوجها ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 19 ]
ڪوجها پَسُ ڪَرِيمَ، جي آھِينِ تُنھِنجي آسِري،
پائي پَنھِنجي پاٽِ ۾، سِگهو ڏي سَلِيمَ،
ھَٿان تو حَلِيمَ، وِڙَ پُڻ وَڃَنِ واسِئا.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 7 ]
پائي پَنھِنجي پاٽِ ۾، سِگهو ڏي سَلِيمَ،
ھَٿان تو حَلِيمَ، وِڙَ پُڻ وَڃَنِ واسِئا.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 7 ]
ڪوجها نَظَرَ ڪَنِ، اَکِيُنِ اَدَبُ ڇڏِئو،
کَرَنِ ساڻُ کِلَنِ، وَھِ پِيو وِڙَنِ سين.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 26 ]
کَرَنِ ساڻُ کِلَنِ، وَھِ پِيو وِڙَنِ سين.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 26 ]
English Meaning
Ugly, unbeautiful.