ڪَئين جي سنڌي معنيٰ
ڪيئِي، ڪيترائي، اِلاهي، جهجهائي،گهڻائي، بيشمار، انيڪ، لاتعداد، هيڪاندا، بي انداز وغيرہ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Uncountable, many
ڪَئين جا بيتن ۾ حوالا
يارَ سَڄَڻَ جي فِراقَ، ڙِي جيڏِيُون! آئُون مارِي،
دَرِ دوسَنِ جي ڪَئين جو هُوندا، مُون جيھا مُشتاقُ،
جاٿَي ڪاٿَي مَحبُوبَنِ جِي، آھِ حُسُنَ جِي هاڪَ،
سُرمو سَھِي ڪَرِ اَکِيُنِ جو، خاصُ پِريان جِي خاڪَ،
عَبدِالْلَطِيفُ چي، پِرِين اَسان جو هَميشه حُسناڪَ،
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 11 ]

ڪارُون وَسَ ڪِئامِ، ڙي ھئَي ھئَي وو لَڏي ڏُورِ وِئامِ،
مُنھِنجو ھوتُ نَہ موٽِئو،
ٻَنڌَڻَ ٻاروچَنِ جا، پينگهي مَنجِهہ پييامِ،
ڪَئين قاصِدَ ڪيچِ ڏي، مُحبَنِ لاءِ مُڪامِ،
سَدا سُپَيرِيَن جا، سانڍِڻُ سُورَ پيامِ،
ھوتَ ھَلَندِي جي ڪِئا، نَہ سي سَڏَ سُئامِ،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، آرِياڻِي اِيندامِ.
[ سُر حسيني، وايون، 11 ]