ڪَمِيڻِيءَ جي سنڌي معنيٰ
نيچ. گهٽ رتبي واري، ڪم ظرف، سِفلي، رَذِيل، ذَلِيل، بي مان، بي عزتي، واھياتُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Abusive, foul-tongued, obscene, mean.
ڪَمِيڻِيءَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪيچِ ڪَمِيڻِيءَ کي نِجا وو ٻاروچا،
سانگُ سَسُئِيءَ جو ڪِجا وو ٻاروچا،
ڏُکيءَ جا ڏيرا وو پانڌِيا،
ڪَمِيڻِيءَ جا ڪيچَ ۾، اَگهِئا اوجاڳا،
پَرَڏيھِي سا پِرِيَرِي، ڪَڏِھِين ڪامَ ڪِجا،
ھوتَنِ ھَلَڻُ مَنَ ۾، مَعذُورِ مارِيندا.
[ سُر ديسي، وايون، 12 ]

سانڀارا سَڏَ ڪِئو، اُڀا چَونِمِ اَچُ،
ھِڪُ تِکو ئِي تارِ وَھي، ٻِئو ھَٿِ ڪَمِيڻِيءَ ڪَچُ،
ساڻِي جَنِ سَچُ، ٻُجهان سي نَہ ٻُڏندِيُون.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 12 ]
ھِڪُ تِکو ئِي تارِ وَھي، ٻِئو ھَٿِ ڪَمِيڻِيءَ ڪَچُ،
ساڻِي جَنِ سَچُ، ٻُجهان سي نَہ ٻُڏندِيُون.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 12 ]
ڏِسَڻَ ڪَرَ ڏارِي، اَندَرِ سَتِي سَسُئِي،
اِنهين پَرِ آرِي، ڪانڌُ ڪَمِيڻِيءَ کَٽِئو.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 12 ]
اِنهين پَرِ آرِي، ڪانڌُ ڪَمِيڻِيءَ کَٽِئو.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 12 ]
وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڳِجُهنِ ٿِيندِي ڳاھُ،
سَسُئِيءَ سُورِيءَ چاڙِھِئو، پِريان لَئي پاساھُ،
ھُوءِ مِرُون ھِيءُ ماھُ، ڪِينَ ڪَمِيڻِيءَ رَکئِو.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 17 ]
سَسُئِيءَ سُورِيءَ چاڙِھِئو، پِريان لَئي پاساھُ،
ھُوءِ مِرُون ھِيءُ ماھُ، ڪِينَ ڪَمِيڻِيءَ رَکئِو.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 17 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، وِئا روڏا رِنگائي،
رَھِيَسِ رَسُ لَطِيفُ چئَي، تَنھِن ڪَمِيڻِيءَ ڪاھي،
ساڱاپي سيڻَنِ جي، ٿِي وِندُرِ واجهائي،
آرِياڻِي آھي، مَنَھُن مَعذُورِنِ جو.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 6 ]
رَھِيَسِ رَسُ لَطِيفُ چئَي، تَنھِن ڪَمِيڻِيءَ ڪاھي،
ساڱاپي سيڻَنِ جي، ٿِي وِندُرِ واجهائي،
آرِياڻِي آھي، مَنَھُن مَعذُورِنِ جو.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 6 ]
جِيَسِ جِيَسِ وو جيڏِيُون، مُنھِنجو لالَڻُ آيو پيھِي،
مُنھِنجا وِئَڙا سُورَ سَڀَيئِي،
ھُئِي شِڪَستِي سَسُئِي، رازَ پُنهونءَ جي ريهِي،
ڳالِهيُون ڪَنديَس ڳُجِهيُون، مُنھِن مُقابِلَ ويھِي،
کَٿُورِي بارُ کَڻِي، آيا ڏُونگَرَ ڏيھِي،
سَرڪَشِي سَردارَ سين، مُون ڪَمِيڻِيءَ ڪيھِي.
[ سُر ديسي، وايون، 6 ]

جَتَنِ سين جَوابُ، ڪِھَڙو ڪَندِيَسِ جيڏِيُون،
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَري ڏيرَ ڪَبابُ،
آرِياڻِي آبُ، رَکُ ڪَمِيڻِيءَ جو ڪيچَ ۾.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 7 ]
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَري ڏيرَ ڪَبابُ،
آرِياڻِي آبُ، رَکُ ڪَمِيڻِيءَ جو ڪيچَ ۾.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 7 ]
اَسِين ذاتِ پَرٽَ، پورھِيَتَ پُنهونءَ ڄامَ جا،
ھوتُ کَٿُورِيءَ ھيرَئُون، مُون ۾ صابُڻَ ڇَٽَ،
آتَڻَ ۾ اُکَٽَ، ڪَمِيڻِيءَ جِي ڪامَ ٿِئي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 11 ]
ھوتُ کَٿُورِيءَ ھيرَئُون، مُون ۾ صابُڻَ ڇَٽَ،
آتَڻَ ۾ اُکَٽَ، ڪَمِيڻِيءَ جِي ڪامَ ٿِئي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 11 ]
آئُون تانۡ اِھَڙِيائِي، جَا ٻانِهيءَ کي ٻائِي چَوان،
مُون ڪَمِيڻِيءَ لاءِ، پُنهون ٿي پَرٽُ ٿِئو.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 17 ]
مُون ڪَمِيڻِيءَ لاءِ، پُنهون ٿي پَرٽُ ٿِئو.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 17 ]
جيھِي جٖي تيھِي، ٻانِهي ٻاروچَنِ جِي،
حُجَتَ ھوتَ پُنهونءَ سين، مُون ڪَمِيڻِيءَ ڪيھِي،
اَصلِ آرِيءَ ڄامَ جي، پَليءِ آئُون پيئِي،
ھُوءَ جا پائِينِ پيرَ ۾، تَنھِن جُتِيءَ نَہ جيھِي،
وِساري ويھِي، تَنِي ڪيچِيَنِ کي ڪِيئَن رَھان.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 9 ]