ڪَندا جي سنڌي معنيٰ
پورو ڪندا، پڄائيندا، نڀائيندا ڇيڙو آڻيندا. بجا آڻيندا. (ڪرڻ جي مستقبل وارو لفظ) عَمل ڪندا. (ڌنڌو) هلائڻ، لڳائڻ. (پئسو) خرچڻ، (شيءِ) ڪم آڻڻ، استعمال ڪرڻ، واپرائڻ، ڪتب لائڻ، بلي لائڻ، ورتائڻ. (ڪپڙو) چوڙڻ، هنڊائڻ، پهرڻ، کوهڻُ. (عقل) جاءِ ڪرڻ، (هوش) آڻڻ، ويچارڻ. (فرض) بجا آڻڻ. (ڪورٽ) ڪوٺائڻ، سڏائڻ، هلائڻ. بندوبست ڪرڻ، انتظام رکڻ، جوڙجڪ ڪرڻ. قائم رکڻ، دائم رکڻ. سنوارڻ، ٺاهڻ، بنائڻ، سُڌارڻ، سُڌارو آڻڻ، اصلاح آڻڻ. دانهن ڪرڻ، ڪوڪ ڪرڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Will do, will perform
ڪَندا جا بيتن ۾ حوالا
مُون کي لَڪَ مَ لوڏو ڏي، آئُون جا پَٻَ پَھوڙِي آھِيان،
آرِياڻِيءَ پُنهونءَ جي، نِينھَن نِھوڙِي ني،
مُون جيھِيءَ مَعذُورِ سين، شالَ نَہ ڪَندا ڇيھُ،
ڀَڳو ھِينُون سڄو ڪَندا، رُپي ڏيئِي ريھُ.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 38 ]
آرِياڻِيءَ پُنهونءَ جي، نِينھَن نِھوڙِي ني،
مُون جيھِيءَ مَعذُورِ سين، شالَ نَہ ڪَندا ڇيھُ،
ڀَڳو ھِينُون سڄو ڪَندا، رُپي ڏيئِي ريھُ.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 38 ]
بَٺِنِ ھيٺان باھِ، مَڇُڻ آڳِ اُجهائِيينُ،
رُپو ڪَندا راھِ، ڪَؤُنرَ ڪَلاڙين آيا.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 23 ]
رُپو ڪَندا راھِ، ڪَؤُنرَ ڪَلاڙين آيا.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 23 ]
ويڄَ وِڃاءِ مَ ڊَڀَڙا، ڪَندا ڪونَہ فَرَقُ،
مُون کي ٿِئا مَرَڪُ، سُپيرِيان جا ڌَڪَڙا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 12 ]
مُون کي ٿِئا مَرَڪُ، سُپيرِيان جا ڌَڪَڙا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 12 ]
اَڄُ آڳَڙِيا آيا، سائُو ڪي سُڄاڻَ،
لاھِيندا مورِياڻَ، رُڪُ ڪَندا پَڌِرو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 17 ]
لاھِيندا مورِياڻَ، رُڪُ ڪَندا پَڌِرو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 17 ]
اَڄُ آڳَڙِيا آيا، سُوڌا سِراڻِي،
پِياري پاڻِي، تيغُون ڪَندا تِکيُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 18 ]
پِياري پاڻِي، تيغُون ڪَندا تِکيُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 18 ]
پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائيءَ ساءِ،
ڪَندا ٻِي نَہ ڪا، مَٿو وِجَهندا مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 9 ]
ڪَندا ٻِي نَہ ڪا، مَٿو وِجَهندا مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 9 ]
جُھ سي اَڱَڻِ آيا، سَرو ڪَندا سُڃَ،
سائِي ٿِيندِيَنِ اُڃَ، ھِيءُ پِيتو ھُو آڻِ ڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 23 ]
سائِي ٿِيندِيَنِ اُڃَ، ھِيءُ پِيتو ھُو آڻِ ڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 23 ]
ھَرَ ھَرَ ھَٿُ مَ پاءِ، اِي ڳَنڍِ چُھِنڊِيءَ نَہ ڇُڙي،
ڪوڙيِين وِڌا ڪيتِرا، اِنَ وَرَ مَنجِهہ مُنجَھاءِ،
ھئَي ھئَي ڪَندا ھاءِ، اِتِ حاذِقَ ھَزارين وِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 33 ]
ڪوڙيِين وِڌا ڪيتِرا، اِنَ وَرَ مَنجِهہ مُنجَھاءِ،
ھئَي ھئَي ڪَندا ھاءِ، اِتِ حاذِقَ ھَزارين وِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 33 ]
وَسي تَڏِھِين وَسَ، مُندَ مِڙيائِي مِينھَن جِي،
کيٽا کَٽَرُنِ ڇَڏِئا، جٖي ٿي مِڙِيُون مَسَ،
گابا، مَٿي گَسَ، ڏُکَ نَہ ڪَندا ڏُٻِرا.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 17 ]
کيٽا کَٽَرُنِ ڇَڏِئا، جٖي ٿي مِڙِيُون مَسَ،
گابا، مَٿي گَسَ، ڏُکَ نَہ ڪَندا ڏُٻِرا.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 17 ]
ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، سُورِھَہ ساماڻا،
ڪَندا راماڻا، ڪَونئُرَ ڪِلي جا ڪوڏِيا.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 8 ]
ڪَندا راماڻا، ڪَونئُرَ ڪِلي جا ڪوڏِيا.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 8 ]
English Meaning
Will do, will perform