ڪَنھِن جي سنڌي معنيٰ
ڪنھن جي. ڪير، ڪھڙي، ڪابہ، ڪا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Else
ڪَنھِن جا بيتن ۾ حوالا
نِرتِي تَندُ نِيازَ سين، ٻُرائِي ٻِيجَلَ،
راجا رَتولَنِ ۾، اونائِي اَمُلَ،
رازُ ڪِئائِين راءَ سين، ڪَنھِن موچارِيءَ مَھَلَ،
اَنَا اَحْمَدٌ بِلَا میْم چَئِي، سَينَ ھَنئِي سائِلَ،
ڪَنھِن ڪَنھِن پيئِي ڪَلَ، تَہ ھَردوئِي ھيڪُ ٿِئا.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 16 ]

نَہ ڪَنھِن ڀِنڀُولِئو ڪَرَھو، نَہ ڪَنھِن ڪامَڻ ڪِئاسِ،
اَکِيُنِ مَٿي اَکيا، پِڙَ ۾ پيرَ گَٺاسِ،
وَڳَ نَہ وِسَرِياسِ، ڪَرَھي لِڌو لوڙِئو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 16 ]

اَکِيُون پيرَ ڪَري وَڃِجي پَرَ وَڃِجي،
سُپيرِيان جِي ڳالِهڙِي، ڪَنھِن سان ڪِينَ ڪِجي،
لِڪائَي لوڪَ کان، ڳوٺان ڳُجَهڙِي نِجي،
مَحبَتِيءَ ميھارَ جو، سُورَ نَہ ڪَنھِن سَلِجي.
[ سُر سھڻي، وايون، 12 ]

پُوري مَڙَه مَھيسَ، ڪَنھِن تِيرَٿِ وِئا تَڪِڙا،
جوڳِي جُنبِي ھَلِئا، ڪَنھِن ڏُوراھِين ڏيسِ،
اِنَ اَڳھَيِن ٿي ڪِئا، پَھَ مَٿي پَرَديسَ،
اُنِهين جي آديسَ، سارِيان گهَڻو سَيِّدُ چئَي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 11 ]

ڏَڏُ وَڏو ڏَڏُ، پاڻُ ڪوٺائي مَڱِڻو،
نَہ ڪَنھِن نِيو پاڻَ سين، نَہ ڪَنھِن ڪِئو گَڏُ،
سَٻَڙَ ڪَري سَڏُ، کَڻِي ڏَڏُ ڏُئِلِيءَ چاڙِھِئِو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 25 ]

ھَرَ ھَرَ ھوءِ ٻِئو، رَنگُ فاقِيري رُوحَ جو،
ڪَنھِن جَنھِن پاھِ پِئو، جِيئَن رچي رَنگِ سَڀَ ڪَنھِن.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 26 ]

نَہ ڪَنھِن ڄائو ڄامَ کي، نَڪو ڄامَ وِياءُ،
نَنڍي وَڏي گَندَري، سَڀَ ڪَنھِن آھِ سِياءُ،
لَمْ يَلِدْ وَلَمْ يُولَدْ ، اِيءَ نِجابَتَ نِياءُ،
ڪِبرُ ڪِبرِياءُ، تَختُ تَماچِيءَ ڄامَ جو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 17 ]

ڪَرِ ڪي ڳالِهڙِيُون، ڪَنڊا ڍورَ ڌَڻِيَنِ جُون،
ڪَنھِن پَرِ راتِڙِيُون، ڪَنھِن پَرِ ڏِينھَن گُذارِيَئُون؟
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 1 ]

ڪَنھِن ڪَنھِن ڪارِيءَ ذاتِ کي، مورَ پِہ مَٽائِينِ،
جي چَتُرِئا چَڱِي ڪَري، تَہ وَڳَ وَرائي ڏِينِ،
ساٿَ سَمُورا نِينِ، جَي مَٺِي ڀانئِين موٽِئا.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 6 ]

ڪِھَڙي مَنجِهہ حِسابَ، ھُوئَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ري،
گولِي ڀَڄُ گُناھَ کان، ڪونِهي سُودُ ثَوابَ،
نَڪِي تَقاوَتَ ۾، نَڪِي مَنجِهہ رَبابَ،
خُدِيائِي خُوبُ ٿِيين، لائِيين جَي لُعابَ،
پَلِيتو ئِي پاڪُ ٿِيين، جُنُبِئو مَنجِهہ جُنابَ،
ھادِيءَ سين ھُنَ پارَ ڏَي، ريڙِيين ساڻُ رِڪابَ،
چَنبو وِجِهي چورَ جِيئَن، آئُون ڇَڙِ عُقابَ،
دِيدُ وِڃايُمِ دوسِتَ جو، ھَلِي مَنجِهہ حِجابَ،
ڪَسرَتَ آھي قُرِبَ ۾، اِدغا ۾ اِعرابَ،
سو نَہ ڪَنھِن شَيءِ ۾، جيڪِي مَنجِهہ تُرابَ،
جٖي جَهرَڪِئا جَرَ تي، اِيءَ تانْ سَڀَ حُبابَ،
فَنا وِجَهندَءِ فَمَ ۾، ڪارَڻِ ٿِيءُ ڪَبابَ،
ڏي طَھُورا تَنِ کي، جٖي سِڪَنِ لَئي شَرابَ،
مُٺِيءَ ڪِئا مَرضَ ۾، ياوَھ سَڀَ جَوابَ.
[ سُر سھڻي، وايون، 1 ]