ڪَچائِي جي سنڌي معنيٰ
اڻ پڪائي، ڪَچاوَٽَ، ناپختگي، اڻ رسيلائي، ڪچاڻ. ناتجربيڪاري، مورکائي، حماقت، بيوقوفي، بي عقلي، اياڻَپَ. گِلا، شڪايت، غِيبت، عيبُ. مَھڻو، طَعنو، ڏوراپو، عِتابُ، ويڻ. بي وفائي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Immaturity, unripeness, inexperience, rawness, unripeness, weakness.
ڪَچائِي جا بيتن ۾ حوالا
رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، ڇَڏِ راڻا ريڏائِي،
لَپيٽِجِ لَطِيفُ چئَي، ڪامِلَ ڪَچائِي،
مُنھِنجِي ميٽِ مَينڌَرا، عاقِلَ اَگَلائِي،
ڪَرِ مَعافِي مَدائِي، تَہ سوڍا سُکِياڻِي ٿِيان.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 12 ]
لَپيٽِجِ لَطِيفُ چئَي، ڪامِلَ ڪَچائِي،
مُنھِنجِي ميٽِ مَينڌَرا، عاقِلَ اَگَلائِي،
ڪَرِ مَعافِي مَدائِي، تَہ سوڍا سُکِياڻِي ٿِيان.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 12 ]
ڪَھَڻُ تَہ ڪَچائِي، سُورَ نَہ سانڍِڻُ سُٿِرا،
اَڃا تَہ آئِي، ڏِيلَ مُنھِنجي ڏُکَ سين.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 8 ]
اَڃا تَہ آئِي، ڏِيلَ مُنھِنجي ڏُکَ سين.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 8 ]
English Meaning
Immaturity, unripeness, inexperience, rawness, unripeness, weakness.