ڪَڙِيُون جي سنڌي معنيٰ
ڦرڙي يا ڦٽن ڇُٽن مھل، انهن مٿان سُڪي ويل رت ۽ پُونءِ جا پردا، ڦٽن جا ڇلهڙ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
scabs, dried skin layer in healing of wounds.
ڪَڙِيُون جا بيتن ۾ حوالا
تَڙي طَبِيبَنِ، گهايَلُ گهَران ڪَڍِئو،
چِڪِئا چاڪَ چِيھُون ڪَري، ڪَڙِيُون مُورُ نَہ ڪَن،
دوسِتَ دَرسَنَ تُنھِنجي، وِڌو ٺارُ ٺَپَنِ،
وِرِچِئو ويڄَ وَڃَنِ، آءُ تَہ پِريَمِ اُٿِيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 23 ]
چِڪِئا چاڪَ چِيھُون ڪَري، ڪَڙِيُون مُورُ نَہ ڪَن،
دوسِتَ دَرسَنَ تُنھِنجي، وِڌو ٺارُ ٺَپَنِ،
وِرِچِئو ويڄَ وَڃَنِ، آءُ تَہ پِريَمِ اُٿِيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 23 ]
ڪُوماڻا ڪَڙِيُون ڪَري، چاڪَ اُڀَرِئامِ،
واري ويڄَ ڏِنامِ، ڏَنڀَ ڏُکَندي سامُھان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 28 ]
واري ويڄَ ڏِنامِ، ڏَنڀَ ڏُکَندي سامُھان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 28 ]
ڌَنءُ ڌَنءُ ڌَمَڻِوارَ، اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ جِي،
ٻاري مَچُ مَجازَ جو، اوتِيائُون اَڱارَ،
ڌُوڌا ٿِيءُ مَ ڌارَ، جِمَ ڪَچو رُڪُ ڪَڙِيُون ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 13 ]
ٻاري مَچُ مَجازَ جو، اوتِيائُون اَڱارَ،
ڌُوڌا ٿِيءُ مَ ڌارَ، جِمَ ڪَچو رُڪُ ڪَڙِيُون ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 13 ]
چاڪَ اُڀرِئا، ڪُو ماڻا ڪَڙِيُون ڪَري،
لَڳي ڌَڪَ لَڪَنِ سين، چُرِي چاڪَ پِئا،
ڏيرَنِ ٻِئا ڏِنا، ڏَنڀَ ڏُکَندي سامُھان.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 11 ]
لَڳي ڌَڪَ لَڪَنِ سين، چُرِي چاڪَ پِئا،
ڏيرَنِ ٻِئا ڏِنا، ڏَنڀَ ڏُکَندي سامُھان.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 11 ]
English Meaning
scabs, dried skin layer in healing of wounds.