ڪَڪُوھُ جي سنڌي معنيٰ
(ڪَڪي يا ڳاڙهي رنگ جي ڪري شراب جو ھڪ قسم، جيڪو تمام گهڻو تکو ۽ ڳرو پڻ ليکيو ويندو آھي) انگوري شراب، ڳاڙهو شراب، لال، ڳاڙهو، رتو، سُرخ. اسم. انگور جو رَسُ، انگور جي ڌيءُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
(اسم) انگور جو رس، انگوري شراب، ڳاڙهو شراب، بنت. (صفت) لال، ڳاڙھو، رتو، ريٽو، سرخ
ذريعو:جامع سنڌي لغات
رنگ جو ڪڪو شراب، ڳاڙهيرڙو شراب
ذريعو:روشني
English Meaning
Grape wine, red wine
ڪَڪُوھُ جا بيتن ۾ حوالا
ناڻَي ناھِ ڪَڪُوھُ، مُلِهہ مَھانگو مَندُ،
سَنباھيجِ سَيِّدُ چئَي، ڪاٽَڻَ ڪارَڻِ ڪَنڌُ،
ھِيءُ تَنِي جو ھَنڌُ، مَٽَنِ پاسِ مَرَنِ جي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 24 ]
سَنباھيجِ سَيِّدُ چئَي، ڪاٽَڻَ ڪارَڻِ ڪَنڌُ،
ھِيءُ تَنِي جو ھَنڌُ، مَٽَنِ پاسِ مَرَنِ جي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 24 ]
مَ ڪَرِ سَڌَ شَرابَ جِي، جَي تُون ٽارِين ٽُوھُ،
پِيتي جَنھِن پاسي ٿِئي، مَنجهان رڳُنِ رُوحُ،
ڪاٽي چَکُ ڪَڪُوھُ، لاھي سِرُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 25 ]
پِيتي جَنھِن پاسي ٿِئي، مَنجهان رڳُنِ رُوحُ،
ڪاٽي چَکُ ڪَڪُوھُ، لاھي سِرُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 25 ]
English Meaning
Grape wine, red wine