ڪَھَنِ جي سنڌي معنيٰ
چَون، ٻولِن، ٻُڌائن، اچارين.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Tell, say.
ڪَھَنِ جا بيتن ۾ حوالا
ھاواڻا ھُلَنِ، ڪَپَرَ ڪارُونڀارَ جا،
لَهرِيُون لُڙَ لَطِيفُ چئَي، ڀيلي تي ڀُلَنِ،
جٖي ڪَچي ساڻُ ڪَھَنِ، آگا تَنِ اوباھيين.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 4 ]

وائِي واري وِنگُڙِي، ٻولِي ٻِي نَہ ڪَھَنِ،
اللهَ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ، مُون سين پَئي نَہ مامِرو.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 1 ]

مُون کاھوڙِي لَکِئا، ويھِي نَہ ويرَمَ ڪَنِ،
ڏِينھَن تَتي ۾ ڏُونگَرين، ڪارَڻِ قُوَتَ ڪَھَنِ،
جَهنگَلَ ۾ جُهڻِڪَنِ، جُھ ڏوٿِي ڏُٿُ گَڏُ ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 23 ]

قَيدُ الماءِ ڪَھَنِ جو، سو مُون پاندِ پِئو،
جفَّ القلمُ بما هُوَ ڪائنٌ ، وَھِي قَلَمُ وِئو،
اِيءُ قَضا ڪَمُ ڪِئو، جِيئَن ٿَرِ مارُو آئُون ماڙِيين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 11 ]

پَنوَھارَنِ پاٻُوھِيو، ڪِي وَسَ واھُوندَنِ،
لَٿو سِيءُ لَطِيفُ چئَي، ٻَڌو ڦَنُ ڦَرَنِ،
پائُرِ ڏِنِيُون پُٺِيُون، نَنڍَن نوراپَنِ،
عُمَرَ اُنَ اَگُوندَرِي، پاسي ڪانڌَ ڪَتَنِ،
اُوءِ ٿا ڪورِينِ ڪُؤَنرِي، سَرَتِيُون مَٿان سَسَنِ،
کائُرِ کَٿِيُون خاصِيُون، اوڄي اُتِ اَچَنِ،
ڪَڍِئو پيڻُ ڪَھَنِ، مَلِيرِ گُهرِجي مارُئِي.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 7 ]

زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، عَيشُ اَعرابِيَنِ،
اِنّا فَتَحْنا الَّذِيْنَ ، ٿا قُلوبان ڪَھَنِ،
لَحَمُ لَبَنُ گَڏُ ڪِئو، تَمَرُ تاڪُلُ ڪَنِ،
سَدائِين، سَيِّدُ چئَي، اَنُ نَہ چَکِئو اُنِ،
عُمَرَ بَندِياڻنِ، لاهي لوھَ نَہ ڇَڏِيين.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 11 ]