ڪِيرَ جي سنڌي معنيٰ
جَنڊ جي هيٺئين پُڙَ ۾ پِيَل لوھ جي ميخَ، جنھن ۾ مٿئين پُڙُ جي مَڪڙِي وجهجي. لوھَ جي ڪِلي، ڪِلُ، ميخ، وڏو ڪوڪو، ڪِلو، ڪِيلُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
An iron rod fixed in center of hand mill. A large iron nail, a spike.
ڪِيرَ جا بيتن ۾ حوالا
سَٿِيَنِ سَنبَتِ پَنڌَ جِي، تُون ويسَلو ويرَ،
جوڙي جُنگَ جَھازَ کي، ڪوڏِ ھَڻائج ڪِيرَ،
وَھي وَڻِجارَنِ جِي، بَندَرَ ڏانھَن بَھِيرَ،
گهَرِ تَنِي جي کِيرَ، جَنِ لاڳَيدارَ لَنگهائِيا.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 10 ]
جوڙي جُنگَ جَھازَ کي، ڪوڏِ ھَڻائج ڪِيرَ،
وَھي وَڻِجارَنِ جِي، بَندَرَ ڏانھَن بَھِيرَ،
گهَرِ تَنِي جي کِيرَ، جَنِ لاڳَيدارَ لَنگهائِيا.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 10 ]
ڪارِي راتِ ڪَچو گهَڙو، اُڻَٽِيھِين اُونداھِي،
چَنڊَ نالو ناھِ ڪو، دَرياھَ دَڙَ لائِي،
ساھَڙَ ڪارَڻِ سُهڻِي، آڌِيءَ ٿي آئِي،
اِيءُ ڪَمُ اِلاھِي، نَہ تَہ ڪُنَنِ ۾ ڪِيرَ گهِڙي.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 16 ]
چَنڊَ نالو ناھِ ڪو، دَرياھَ دَڙَ لائِي،
ساھَڙَ ڪارَڻِ سُهڻِي، آڌِيءَ ٿي آئِي،
اِيءُ ڪَمُ اِلاھِي، نَہ تَہ ڪُنَنِ ۾ ڪِيرَ گهِڙي.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 16 ]
ڏَمُ مَ جاڳي لو، مَ پاڙيچِي سارَ،
آئُون جَا ويندِي مُلِ ميھارَ،
آڻي ڪِيرَ کوڙِئا، سانڀارَ سَنگهارَ،
گهَرِ گهَرِ گِلا جَا وَھي، پاڙي پوءِ پَچارَ،
مَولا مُون کي ميڙيين، ڪُنڊِييَنِ جِيءَ قَطارَ،
مُون کي پِرِيَنِ ميڙيين، سَٻاجها سَتارَ،
ٻُرَنِ ٻيلايَنِ جا سانڀارا سَنڀارَ،
وِچُ مَ پوءِ وِصالَ کي، سَٻاجها سَتارَ،
تاڪُنِ تَڪِي آھِيان، سِگهو رَسُ سَھاڙَ،
وَڇُنِ جي وَڇارَ جو، وِنگو ٿِئي مَ وارُ.
[ سُر سھڻي، وايون، 13 ]

چَنڊَ وِھاڻَيءَ چَڙِهئا، مَلَ مَدِينا مِيرَ،
تَنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَرُون، ڪُندَ ڪَٽارا ڪِيرَ،
عَلِيءَ پُٽَ اَمِيرَ، ڪَندا راڙو رُڪَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 11 ]
تَنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَرُون، ڪُندَ ڪَٽارا ڪِيرَ،
عَلِيءَ پُٽَ اَمِيرَ، ڪَندا راڙو رُڪَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 11 ]
سَڄَڻَ ميخُون ڏُونگَرين، ڏُونگَرَ ڀُونيُنِ ڪِيرَ،
اِھَڙا سيڻَ سُڌِيرَ، ڪِينَ لَھَندِينءَ ڪي ٻِئا.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 22 ]
اِھَڙا سيڻَ سُڌِيرَ، ڪِينَ لَھَندِينءَ ڪي ٻِئا.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 22 ]
جَنڊُ وَھِي جِيئَن ڪَري، مَٿي ڪِيسُ ڪَڻَنِ،
داڻا جٖي دَوارَ ۾، پِيسِئو سي پَوَنِ،
ڳاري ڪِينَ ڳَرَنِ، جٖي قائِمُ داڻا ڪِيرَ سين.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 29 ]
داڻا جٖي دَوارَ ۾، پِيسِئو سي پَوَنِ،
ڳاري ڪِينَ ڳَرَنِ، جٖي قائِمُ داڻا ڪِيرَ سين.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 29 ]
جَنڊُ وَھي جِيئَن ڪَري، مَٿي پِيھَ پَئِي،
ڪَڻا جي ڪُمِرِ ۾، سي وَڃَنِ ڪِينَ وَھِي،
اُو ثابِتُ ھُونِ صَحِي، جي قائِمُ داڻا ڪِيرَ سين.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 30 ]
ڪَڻا جي ڪُمِرِ ۾، سي وَڃَنِ ڪِينَ وَھِي،
اُو ثابِتُ ھُونِ صَحِي، جي قائِمُ داڻا ڪِيرَ سين.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 30 ]
ساوَڻَ مَڇَ نَہ موٽِيين، بَڊي ڪِيَئِي اُڪِيرَ،
گَهٽَ ۾ گهاتُوئَڙَنِ جا، کُتَئِي ڪِلا ڪِيرَ،
تَڏِھِين سارِيَئِي سِيرَ، جَڏَھِين مَڇَ ڦاٿين رَڇَ ۾.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 23 ]
گَهٽَ ۾ گهاتُوئَڙَنِ جا، کُتَئِي ڪِلا ڪِيرَ،
تَڏِھِين سارِيَئِي سِيرَ، جَڏَھِين مَڇَ ڦاٿين رَڇَ ۾.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 23 ]
ڳِچِيءَ ڳانا لوھَ جا، زيرِيُون ۽ زَنجِيرَ،
پيڪَڙا پيرَنِ ۾، ڪوٺِينِ اَندَرِ ڪِيرَ،
چاري چوگانَنِ ۾، واھِيَتَ ڪَنِ وَزِيرَ،
ڇَنِ نَہ ڇَڄي آھِيان، اِھَڙِي سِٽَ سَرِيرَ،
مارُو ڄامَ مَلِيرَ، پُڇِجِ ڪِي پَنوَھارَ کي.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 23 ]

ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، ساڻيھَ مَنجِهہ سُڌِيرَ،
ھِنَ کي لوھَ لَطِيفُ چئَي، ڪوٺِيَنِ اَندَرِ ڪِيرَ،
مِھا مَنجِهہ مَلِيرَ، مِينھَن وَسَندا موٽُ تُون.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 4 ]