گهورِيَس جي سنڌي معنيٰ
صدقي ٿيَسِ، قربان ٿيَسِ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Offered my haves, I sacrified everything.
گهورِيَس جا بيتن ۾ حوالا
ڪَنڌِيءَ اُڀِيُون ڪيتِريُون، ٿِيُون ساھَڙُ ساھَڙُ ڪَنِ،
ڪَنِي سانگو ساھَ جو، ڪي گهورِيَس ڪِئو گهِڙَنِ،
ساھَڙُ سَندو تَنِ، گهاگهائي گهِڙَنِ جٖي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 9 ]

سَھِسين اُڀِيُون سُهڻِيُون، ساھَڙُ ساھَڙُ ڪَنِ،
ڪِنِي پاڻُ پَري ڪِئو، ڪي گهورِيَس ڪِئو گهِڙَنِ،
ساهَڙُ مِليو تَنِ، جَنِي سانگُ نَہ ساھَ جو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 10 ]

ھِئان ٿي ھَلَندِياسِ، سَرَتِيُون ساڻيھَ سامُھِين،
سونَ ڪَڙولا سَنگهَرُون، ڏُونگَرَ کي ڏِيندِياسِ،
آيَلِ ٻاروچَنِ سين، ڪيسَرِيا ڪَندِياسِ،
مِليَسِ تَہ مِلياسِ، نَہ تَہ گهورِيَس ٻاروچَلَ تان.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 27 ]