گهوٽُ جي سنڌي معنيٰ
تازي شادي ڪيل ماڻهو لاڏو، وَنو، ڪانڌ، ڳڀرو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Bridegroom, one whose marriage is happening.
گهوٽُ جا بيتن ۾ حوالا
پَتَنگُ چائِين پاڻَ کي، پَسي مَچُ مَ موٽُ،
سَھائي سُپَيرِيَن جي، گِهڙُ تَہ ٿِئَين گهوٽُ،
اَڃا تُون آروٽُ، کُوري خَبَرَ نَہ لَھين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 4 ]
سَھائي سُپَيرِيَن جي، گِهڙُ تَہ ٿِئَين گهوٽُ،
اَڃا تُون آروٽُ، کُوري خَبَرَ نَہ لَھين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 4 ]
ڪَڏِھِين مَڙُه مُقامَ ۾، ڪَڏِھِين ڳاڙِھو گهوٽُ،
سَندو وارِيءَ ڪوٽُ، اَڏِئو اَڏِيندين ڪيتِرو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 20 ]
سَندو وارِيءَ ڪوٽُ، اَڏِئو اَڏِيندين ڪيتِرو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 20 ]
مِيان مَينڌَرا موٽُ، بَخشُ ڪَرِ بُڇايُون،
تُون گهَڻيُنِ گهوٽُ، مُون وَرُ تُونھِين ھيڪِڙو.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 8 ]
تُون گهَڻيُنِ گهوٽُ، مُون وَرُ تُونھِين ھيڪِڙو.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 8 ]
جَکِرو جوڙي، پاڻَ ڌَڻِيءَ پَيدا ڪِئو،
ڪيھَرِ جِيئَن ڪَرُ کَڻِئو، مَلُ مُڇُون موڙي،
سَمُنڊَ جِيئَن سِيرَ ڪِئو، ٿو ٻارِ جِيئَن ٻوڙي،
گهوٽُ چَڙِهئو گهوڙي، پيچِيَنِ لايا پيچِرا.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 1 ]
ڪيھَرِ جِيئَن ڪَرُ کَڻِئو، مَلُ مُڇُون موڙي،
سَمُنڊَ جِيئَن سِيرَ ڪِئو، ٿو ٻارِ جِيئَن ٻوڙي،
گهوٽُ چَڙِهئو گهوڙي، پيچِيَنِ لايا پيچِرا.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 1 ]
جَنِ گَنگا جَرُ گَڏِئو، سي ٿِئڙا ڌَڻِ ڌَڻِي،
عِزَتَ آسائُنِ کي، ڏيوي گهوٽُ گهَڻِي،
طاماعُنِ تَڻِي، پَسو جا پيدا ٿِي.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 23 ]
عِزَتَ آسائُنِ کي، ڏيوي گهوٽُ گهَڻِي،
طاماعُنِ تَڻِي، پَسو جا پيدا ٿِي.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 23 ]
ڪَمُ ڪالوڙا ڪُوڻِيُون، پَهتِ جَنِ جِي پَرِ،
لايو لُنگَ لَطِيفُ چئَي، جُنبنِ جَهجهي جَرِ،
گهوٽُ اُنِين جي گهَرِ، راجا رِيجِهي آيو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 11 ]
لايو لُنگَ لَطِيفُ چئَي، جُنبنِ جَهجهي جَرِ،
گهوٽُ اُنِين جي گهَرِ، راجا رِيجِهي آيو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 11 ]
English Meaning
Bridegroom, one whose marriage is happening.