گوشي جي سنڌي معنيٰ
گوشائتا، اڪيلا، ھڪ پاسي تي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
In corner, closet, in privacy, in lonesome.
گوشي جا بيتن ۾ حوالا
ھِي ٻَہ ڳالِهڙِيُون، آئُون اورِيندِي پِرِينءَ سين،
گوشي پِرِين نَہ گَڏِئا، کَرَ سين مُون نَہ ڪِيُون،
ڳالِهيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، وَڌِي وَڻَ ٿِيُون.
[ سُر کنڀات، وايون، 1 ]
گوشي پِرِين نَہ گَڏِئا، کَرَ سين مُون نَہ ڪِيُون،
ڳالِهيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، وَڌِي وَڻَ ٿِيُون.
[ سُر کنڀات، وايون، 1 ]
جوڙي جُنگَ جِھازَکي، ڀورا تُون بَناءِ،
اَٺيتالِيھَہ عِشقَ جُون، واڳُون وِيرَ وَٽاءِ،
پَنجَ پَڳَھَ ٽِيھَہ اولا، سَتِرَھَن سِڙَه سِباءِ،
سَمُنڊَ ۾ سَيِّدُ چئَي، اَپَرِ آھِ اُونداھہ،
جِتِ مانگَر مَڇَ مِڙِيا، اُتِ گوشي جَهلِ غُراب کي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 2 ]

وِندُرِ وَرَ ڏِنامِ، ڪيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪيتِرا،
ٻاروچا ٻاجَهہ ڀَرِيا، گوشي ھُوندَ گَڏِيامِ،
چيتاري چَيامِ عَرضَ پَنھِنجا اُنِ کي.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 5 ]
ٻاروچا ٻاجَهہ ڀَرِيا، گوشي ھُوندَ گَڏِيامِ،
چيتاري چَيامِ عَرضَ پَنھِنجا اُنِ کي.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 5 ]
تو سَڱُ ساھَ کَڻڻَ سين، جِيئَڻَ گوشي جاءُ،
مَرَڻَ مُون سين آءُ، تَہ پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 8 ]
مَرَڻَ مُون سين آءُ، تَہ پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 8 ]
ڳالِهيُون پيٽَ وَرَنِ ۾، وَڌِي وَڻَ ٿِيُون،
پَرَ سين مُون نَہ ڪِيُون، گوشي پِرِين نَہ گَڏِئا.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 17 ]
پَرَ سين مُون نَہ ڪِيُون، گوشي پِرِين نَہ گَڏِئا.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 17 ]
English Meaning
In corner, closet, in privacy, in lonesome.