گَندَرِي جي سنڌي معنيٰ
مُھاڻي. (اسم خاص) نوريءَ جو نياز منديءَ سبب نالو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Fisherwoman. Name of Noori (because of her humble nature.)
گَندَرِي جا بيتن ۾ حوالا
نُورِيءَ جَي نَوازِئو، ٿِئو تَماچِي تي،
گاڏي چاڙِھي گَندَرِي، ماڻُهو ڪِيَڙِيَيئن مي،
ڪِينجُهرِ چُوندا ڪي، سَچُ سَڀَيئِي ڳالِهڙِي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 14 ]
گاڏي چاڙِھي گَندَرِي، ماڻُهو ڪِيَڙِيَيئن مي،
ڪِينجُهرِ چُوندا ڪي، سَچُ سَڀَيئِي ڳالِهڙِي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 14 ]
پَکَنِ پوءِ پَچارَ، اَڄُ تَماچِي آيو،
نَنڍِي وَڏِي گَندَرِي، پُويو پائي ھارَ،
مَرڪَنِ مَلاحَنِ جا، مَٿي ٻانڌِيَنِ ٻارَ،
وَڏِي ڄامَ ڄَمارَ، اَڍايُون اَجهي جَنھِين.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 19 ]
نَنڍِي وَڏِي گَندَرِي، پُويو پائي ھارَ،
مَرڪَنِ مَلاحَنِ جا، مَٿي ٻانڌِيَنِ ٻارَ،
وَڏِي ڄامَ ڄَمارَ، اَڍايُون اَجهي جَنھِين.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 19 ]
ڪِينجُهرَ ٻِنهِي ڪَنڌِيين، ٿِي گَندَرِي گُذاري،
سُونگِي سَمي جا، اِيندَسِ اوتاري،
جي مي مَڇِي نَہ ماري، تَہ پُڻ اُڀو ڏڪي ڏَنَ ڀَئي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 28 ]
سُونگِي سَمي جا، اِيندَسِ اوتاري،
جي مي مَڇِي نَہ ماري، تَہ پُڻ اُڀو ڏڪي ڏَنَ ڀَئي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 28 ]
اَڙِي مي، سَمي جا سَمگِي، تَنھِن کي ڪيرُ چُوندو مي،
گاڏي چاڙِھي گَندَرِي، ماڻُهو ڪِيائين مي،
تَنُ تَماچِيءَ ڄامَ جو، ناڀُون پايو ني،
ڄارو ڄامَ ڪُلِهي ڪِئو، عِشقُ اِيئَن ڪَري،
سَمي جي سُھاڳَ جو، مِينڍو ڳُتو مي،
جَنِ نَہ وِھارِي وَٽِ ۾، ٿِئَڙا سَلامِي سي،
عالَمُ اِنعامِي ڪِئو، نُورِيءَ نازُ ڪَري.
[ سُر ڪاموڏ، وايون، 1 ]

تُون سَمُو آئُون گَندَرِي، مُون ۾ عَيبَنِ جُوءِ،
پَسِي راڻِينِ رُوءِ، مَڇُڻ ماڱَرِ مَٽِيين.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 1 ]
پَسِي راڻِينِ رُوءِ، مَڇُڻ ماڱَرِ مَٽِيين.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 1 ]
تُون سَمُو آئُون گَندَرِي، مُون ۾ عَيبَ اَپارَ،
پَسِي مِيءَ ڪا پارَ، مَڇُڻ ماڱَرِ مَٽِيين.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 2 ]
پَسِي مِيءَ ڪا پارَ، مَڇُڻ ماڱَرِ مَٽِيين.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 2 ]
تُون سَمُو آئُون گَندَرِي، مُون ۾ عَيبَ ھَزارَ،
پَسِي مِيءَ ڪا پارَ، مَتان ماگُرِ مَٽِيين.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 3 ]
پَسِي مِيءَ ڪا پارَ، مَتان ماگُرِ مَٽِيين.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 3 ]
تُون سَمُو آئُون گَندَرِي، مُون ۾ عَيبَنِ وِيھَ،
پَسِي مِيءَ ڪِي ڌِيءَ، مَڇُڻ ماڱَرِ مَٽِيين.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 4 ]
پَسِي مِيءَ ڪِي ڌِيءَ، مَڇُڻ ماڱَرِ مَٽِيين.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 4 ]
تُون سَمُو آئُون گَندَرِي، مُون ۾ عَيبَنِ ڪوڙِ،
پَسِي کِکِيءَ کوڙِ، مَڇُڻ ماڱَرِ مَٽِيين.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 5 ]
پَسِي کِکِيءَ کوڙِ، مَڇُڻ ماڱَرِ مَٽِيين.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 5 ]
تُون سَمُو آئُون گَندَرِي، مُون ۾ عَيبَنِ لَکَ،
پَسي مِيءَ ڪا ڪَکَ، مَتان ماڱُرِ مَٽِيين.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 6 ]
پَسي مِيءَ ڪا ڪَکَ، مَتان ماڱُرِ مَٽِيين.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 6 ]
English Meaning
Fisherwoman. Name of Noori (because of her humble nature.)