ڳوڙها جي سنڌي معنيٰ
لُڙڪ، آنسو، اکين مان روئڻ سبب نڪرندڙ پاڻي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Tears from the eyes.
ڳوڙها جا بيتن ۾ حوالا
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، ٻُڌُءِ نَہ ٻوڙا،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئا، گَهٽَ اَندَرِ گهوڙا،
ڳاڙِيندين ڳوڙها، جَڏھِن شاھِدَ ٿِيندَءِ سامُھان.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 10 ]
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئا، گَهٽَ اَندَرِ گهوڙا،
ڳاڙِيندين ڳوڙها، جَڏھِن شاھِدَ ٿِيندَءِ سامُھان.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 10 ]
مارُو مِٽَ مَلِيرَ جا، رَهِئا راڄَ ڪَري،
هِنيُون مُنھِنجو تَنِ کي، ڏِهاڙِي ڏِري،
مَلِيرِ مُنھُن ڪَري، ويٺِي ڳوڙها ڳاڙِيان.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 21 ]
هِنيُون مُنھِنجو تَنِ کي، ڏِهاڙِي ڏِري،
مَلِيرِ مُنھُن ڪَري، ويٺِي ڳوڙها ڳاڙِيان.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 21 ]
ڇَھِينءَ راتِ ڇَڻِي، ڳوڙها پِيَمِ ڳَلَ تي،
وَنھِيَنِ ويڙِهِيچَنِ جِي، هِيين حُبَ گهَڻِي،
إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصَّابِرِينَ ، وائِي واتِ وَڻِي،
ميڙِيندُمِ ڌَڻي، مِينھَنِ اُٺي مارُئين.
[ سُر مارئي، سارئان ۽ چڪن چاڪ، 7 ]
وَنھِيَنِ ويڙِهِيچَنِ جِي، هِيين حُبَ گهَڻِي،
إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصَّابِرِينَ ، وائِي واتِ وَڻِي،
ميڙِيندُمِ ڌَڻي، مِينھَنِ اُٺي مارُئين.
[ سُر مارئي، سارئان ۽ چڪن چاڪ، 7 ]
زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبَحَ سيڻَ رَهِئامِ،
بَرَ جي بَدَوِيَنِ لَيءِ، ڳوڙها نِتُ ڳاڙِئامِ،
ويڙِهِيچا وُجُودَ مان، ڪَنھِن ويلَ نَہ وِسَرِئامِ،
سُخُنَ جٖي سَندانِ، سيئِي ويٺِي سارِئان.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 6 ]
بَرَ جي بَدَوِيَنِ لَيءِ، ڳوڙها نِتُ ڳاڙِئامِ،
ويڙِهِيچا وُجُودَ مان، ڪَنھِن ويلَ نَہ وِسَرِئامِ،
سُخُنَ جٖي سَندانِ، سيئِي ويٺِي سارِئان.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 6 ]
زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبَحَ سيڻَ سَندامِ،
بَندَ ۾ بَدَوِيَنِ لَيءِ، ڳوڙها نِتُ ڳاڙِئامِ،
عُمَرَ اَباَڻَنِ کي، ڏِٺي ڏِينھَن ٿِئامِ،
ويڙِهيچا وُجُودَ مان، ڪَنھِن ويلَ نَہ وِسَرِئامِ،
پانڌِي روزُ پُڇِئامِ، اُڀي اَباڻَنِ جا.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 7 ]