ڳَڻَڻَ جي سنڌي معنيٰ
شمار ڪرڻ، حساب ڪرڻ، ڳاڻيٽو ڪرڻ، تعداد ڪرڻ، سارڻ. سوچڻ، خيال ڪرڻ، رٿڻ، پَھڻ، ويچارڻ. سمجهڻ، خيال ۾ آڻڻ، ڄاڻڻ، ڀانئڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To count, number, reckon, reflect, consider, deliberate, ponder, regard, esteem.
ڳَڻَڻَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ اَمانَ ،
اي اِلاھِي! يا اِلاھِي!، ٻاجَهہ ٻيلاٽِي ڀايان،
ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناھِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا عِصِيانَ،
خَبَرَ ناھِ خَبَرَ جِي، نِسورا نِسِيانَ،
والِي رَسِجِ وَھِلو، اَرَڳُ ٿِئا اِنسانَ،
سُڻُ سَٻاجها سُپِرِين، نَعرو نِگَھِبانَ،
مَدِيُون پَسِي مُنھِنجُون، شَرِمايا شَيطانَ،
ھِنَ مُنھِنجي حالَ تي، ھئَي ھئَي ڪَنِ حَيوانَ،
سائِين سُکاڻِي آھِين، سامُونڊِيَنِ سُبحانَ،
تُرَھو ڇِنو تارِ ۾، رَسِجِ تُون رَحمانَ،
ٻيلِي جَو ٻُڏَنِ جو، مُون تي موٽي مانَ،
ويٺو پِني پِنِڻو ڪَرِ ڀيرو مَٿي ڀانَ،
خالِقَ تان خُوبُ ڪِئا، گولَنِ جا گُذِرانَ،
آئُون پُڻ اَنڌو اُنِ ۾، ويٺو پِنان پانَ،
سُوالِي سَمَگِئا داتا ڏيئِي دانَ،
وِلِها سَڀَ وَنھِيا ڪِئا، تُنھِنجي جُودَ جُوانَ،
مَتان مُون کي ڇَڏِئين، ٻيلِي سَندا ٻانَ،
وِيرَ وَسِيلو آھِين، داڙُو ۾ دِيوانَ،
لاءِ ڏوھارِيَنِ ڏيھَ کي خِيمو اَڏِئو خانَ،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سُڻِجِ ڪا سُلطانَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 3 ]