ھيڪَڙِي جي سنڌي معنيٰ
ھِڪ، ھڪڙِي، ڇڙِي، اڪيلي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
One, single, singly.
ھيڪَڙِي جا بيتن ۾ حوالا
جَرَ تَڙَ تِکَ تَنوارَ، وَڻَ ٽِڻَ وائِي ھيڪَڙِي،
سَڀَيئِي شَيءِ ٿِئا، سُورِيءَ سَزاوارَ،
ھَمَه مَنصُورَ ھَزارَ، ڪِھَڙا چاڙِھي چاڙِھيان.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 1 ]
سَڀَيئِي شَيءِ ٿِئا، سُورِيءَ سَزاوارَ،
ھَمَه مَنصُورَ ھَزارَ، ڪِھَڙا چاڙِھي چاڙِھيان.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 1 ]
ڪِجي جِيئَن ڪيچنِ لَئي، تِيئَن تان ڪِينَ ڪِيوءِ،
وِيجهائي وِڌوءِ، وِکَ نَہ کَنيَئِي ھيڪَڙِي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 19 ]
وِيجهائي وِڌوءِ، وِکَ نَہ کَنيَئِي ھيڪَڙِي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 19 ]
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، بَرِ ڪاھي بوتا،
نِيو نِماڻِي پاڻَ سين، ھيڪَرَ اَئِين ھوتا،
مارِينِ ٿا مَعذُورِ کي، گُنگَنِ جا گوتا،
ايھِيءَ پَرِ پَھتا، راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 4 ]
نِيو نِماڻِي پاڻَ سين، ھيڪَرَ اَئِين ھوتا،
مارِينِ ٿا مَعذُورِ کي، گُنگَنِ جا گوتا،
ايھِيءَ پَرِ پَھتا، راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 4 ]
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، پائي پاکوڙا،
اُٿِي ھَلِئا اُسَ ۾، ٻپَھرِيءَ ٻوڙا،
ڏِينھُن تَتو ڏَءُ متو، کامِي ٿِيَسَ کورا.
ڳاڙِيَم ٿي ڳوڙھا، راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 6 ]
اُٿِي ھَلِئا اُسَ ۾، ٻپَھرِيءَ ٻوڙا،
ڏِينھُن تَتو ڏَءُ متو، کامِي ٿِيَسَ کورا.
ڳاڙِيَم ٿي ڳوڙھا، راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 6 ]
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، پائي اينڊَ پَلاڻَ،
وِجِهي گورِبَندَ گُنگَنِ کي، ڏيئِي تَنگنِ تاڻَ،
ڪارُون ڪِيَمِ ڪيتِرا، سَنجهي وِئا سَرواڻَ،
پُنهون ناھِ پَلَنگَ تي، سيڄَ سُڃِي ٿِي ھاڻِ،
مُون وَٽِ ٿِي مَھمانَ، راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 7 ]

ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، چانگَنِ تي چَڙِھِي،
ڪِئان ٿِي ڪوھِيارَلَ سين، اَدِيُون دِلِ اَڙِي،
وَڃِي وَرُ وَڻِڪارَ ۾، گهاري مانَ گهڙَي،
ٻاروچا ٻَڙِي، راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 8 ]
ڪِئان ٿِي ڪوھِيارَلَ سين، اَدِيُون دِلِ اَڙِي،
وَڃِي وَرُ وَڻِڪارَ ۾، گهاري مانَ گهڙَي،
ٻاروچا ٻَڙِي، راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 8 ]
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، گَسِ ڪَري گورا،
وَڃَنِ ويچارِي جا، جَتَ ھَڻِئو جَورا،
ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ ري، ڀَڄِي ٿِي ڀورا،
ھَي ھِنيين ھورا راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 10 ]
وَڃَنِ ويچارِي جا، جَتَ ھَڻِئو جَورا،
ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ ري، ڀَڄِي ٿِي ڀورا،
ھَي ھِنيين ھورا راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 10 ]
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، ڪَرَھَلَ قَطاري،
چَڙِهئا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، توڏا تَنواري،
ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ لَئي، رويو جَرُ ھاري،
اَدِيُون اوتاري راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 11 ]
چَڙِهئا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، توڏا تَنواري،
ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ لَئي، رويو جَرُ ھاري،
اَدِيُون اوتاري راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 11 ]
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، جَهلي مَيَنِ مَھارُون،
وِجِهئو ھَٿَ واڳَنِ ۾، ڪَري ٻانڀَڻِ ٻاڪارُون،
وَڃِي ڪِيُون وَڻِڪارَ ۾، چانگَنِ چانگارُون،
ڪِئَمِ وَسَ ڪارُون راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 12 ]
وِجِهئو ھَٿَ واڳَنِ ۾، ڪَري ٻانڀَڻِ ٻاڪارُون،
وَڃِي ڪِيُون وَڻِڪارَ ۾، چانگَنِ چانگارُون،
ڪِئَمِ وَسَ ڪارُون راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 12 ]
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، ڪاھي ڪيچِ ڪَنواٽَ،
لَنگهِيائُون لَطِيفُ چئَي، گهيڙَ گهِٽِيُون ۽ گهاٽَ،
وَٺِي وِئا وِصالَ ۾، وَحدَہٗ جي واٽَ،
جَٽي ڏيئِي جهاٽَ، راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 13 ]
لَنگهِيائُون لَطِيفُ چئَي، گهيڙَ گهِٽِيُون ۽ گهاٽَ،
وَٺِي وِئا وِصالَ ۾، وَحدَہٗ جي واٽَ،
جَٽي ڏيئِي جهاٽَ، راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 13 ]
English Meaning
One, single, singly.