ھَمَه جي سنڌي معنيٰ
سڀ، ڪل، مڙيوئي، مڙيئي، جملي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
All, every, everyone, the whole.
ھَمَه جا بيتن ۾ حوالا
جَرَ تَڙَ تِکَ تَنوارَ، وَڻَ ٽِڻَ وائِي ھيڪَڙِي،
سَڀَيئِي شَيءِ ٿِئا، سُورِيءَ سَزاوارَ،
ھَمَه مَنصُورَ ھَزارَ، ڪِھَڙا چاڙِھي چاڙِھيان.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 1 ]
سَڀَيئِي شَيءِ ٿِئا، سُورِيءَ سَزاوارَ،
ھَمَه مَنصُورَ ھَزارَ، ڪِھَڙا چاڙِھي چاڙِھيان.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 1 ]
جوڳِي جَڳُ ڇَڏي، پُرئا پُورَڀَ پَنڌَ ڏي،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، ھَلِئا لالَ لَڏي،
واللهُ يَدعُوا اِلَيٰ دارالسَلامِ ، صاحِبُ سَڀَنِ سَڏي،
ھئَي ھئَي ھِنَ ھَڏي، ھَمَه کي حَيرانُ ڪِئَو.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 27 ]
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، ھَلِئا لالَ لَڏي،
واللهُ يَدعُوا اِلَيٰ دارالسَلامِ ، صاحِبُ سَڀَنِ سَڏي،
ھئَي ھئَي ھِنَ ھَڏي، ھَمَه کي حَيرانُ ڪِئَو.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 27 ]
ڏِسَڻُ ڏِسين جَي، تَہ ھَمَه کي حَقُ چَئِين،
شارِڪَ شَڪُ مَ ني، اَنڌا اِنَهِينءَ ڳالِهہ ۾.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 16 ]
شارِڪَ شَڪُ مَ ني، اَنڌا اِنَهِينءَ ڳالِهہ ۾.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 16 ]
ڪَنِ گُهرِجي ڪَلمُو، لَغوَ لَھوَ لاءِ،
فِڪرَ سين ڦيراءِ تَہ ھَمَه کي حَقُ چُوئين.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 26 ]
فِڪرَ سين ڦيراءِ تَہ ھَمَه کي حَقُ چُوئين.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 26 ]
English Meaning
All, every, everyone, the whole.