ھَڪَلَ جي سنڌي معنيٰ
سڏ، رڙ، ڪوڪ، آواز، دانھن، نامچارو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Calling out. Complaint, an attack.
ھَڪَلَ جا بيتن ۾ حوالا
کِوَڻِ ٿِي کِواءِ، تو آئِي نِنڊَ اَڀاڳَ کي،
ھَڪَلَ ھِنيَين لاءِ، سُڄي جَا سَمُنڊَ جِي.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 7 ]
ھَڪَلَ ھِنيَين لاءِ، سُڄي جَا سَمُنڊَ جِي.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 7 ]
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، ھُنَ ڀَرِ ھُوءِ ھَڪَلَ،
گهَڙو گهَڙيان اَڳِرو، وِجهي وِيرِ ٻَھَلَ،
ھِنَ تَڙِ تارُو ڪيتِرا، ڪَنبايا ڪَرِڳَلَ،
تارِ لَنَگهايو تَوَڪَلَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 5 ]
گهَڙو گهَڙيان اَڳِرو، وِجهي وِيرِ ٻَھَلَ،
ھِنَ تَڙِ تارُو ڪيتِرا، ڪَنبايا ڪَرِڳَلَ،
تارِ لَنَگهايو تَوَڪَلَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 5 ]
ڪَري ھَڪَلَ ھُوءِ، اُتَران ٿِي آيُون،
ڀَري تَڙَ تَرايُون، جوڙي ھَلِيو جُوءِ،
پَسو جا پَٽَنِ ۾، کَٿُورِيءَ خُوشِبُوءِ،
وَڃِي رُوبَرُوءِ، اُٺِيُون روضي تان رَسُولَ جي.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 12 ]
ڀَري تَڙَ تَرايُون، جوڙي ھَلِيو جُوءِ،
پَسو جا پَٽَنِ ۾، کَٿُورِيءَ خُوشِبُوءِ،
وَڃِي رُوبَرُوءِ، اُٺِيُون روضي تان رَسُولَ جي.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 12 ]
تَحقِيقَ جِي ڀَرِي، مَٿي ريءَ کَڻيجِ،
ٻانھُون ٻيئِي لاھي ڏيئِي، ڪُشتِي ڪَمائيجِ،
سَنڌِنِئُون ساري ٽَنگُنِؤَن ٽاري، ڄَنگهُنِ ريءَ ڄُليجِ،
جا ھاجَ ھَٿَنِ ريءَ نَہ ٿِئي، سا ٺُونٺو ٿِي ڪَريجِ،
ھَڪَلَ حَقِيقَتَ جِي، ٻوڙو ٿِي ٻُڌيجِ،
اَنڌو ٿِي پَسِيجِ، مُشاھِدو مَحبُوبَ جو.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 16 ]

جَو ڇَلِيُون پَسِي ڇَڪِئو، تَنھِن واکاڻِئو وِکَ،
لُڏي ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، لَکَنِ اَڳِئان لِکَ،
پيرُ نَہ موڙي پانھِنجو، تَنگِيءَ پيئِي تِکَ،
سَرَڻِنِ ڏي نَہ سِکَ، ھَڪَلَ سين ھالارَ ڌَڻِي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 7 ]
لُڏي ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، لَکَنِ اَڳِئان لِکَ،
پيرُ نَہ موڙي پانھِنجو، تَنگِيءَ پيئِي تِکَ،
سَرَڻِنِ ڏي نَہ سِکَ، ھَڪَلَ سين ھالارَ ڌَڻِي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 7 ]
ڏُونگَرَ ڏَسُ پِرِيَنِ جو، ڪافَ نَہ ڏيِين ڪَلَ،
قَطارِئا ڪالَهہ وِئا، توڏا تَوِھِين جَهلَ،
سُڻِي ھوتُ ھَڪَلَ، مَنَ ٻُڌِي ٻاروچو وَري.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 3 ]
قَطارِئا ڪالَهہ وِئا، توڏا تَوِھِين جَهلَ،
سُڻِي ھوتُ ھَڪَلَ، مَنَ ٻُڌِي ٻاروچو وَري.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 3 ]
English Meaning
Calling out. Complaint, an attack.