ھَڻُ جي سنڌي معنيٰ
چُٽِ، ڌڪ ھڻ، مار، ڀالو، تير، ٻاڻ ھڻ، ڪا شيءِ اڇلي چٽ، ھڻ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Throw, lob, an act of throwing something.
ھَڻُ جا بيتن ۾ حوالا
ھَڻُ حَبِيبَ ھَٿُ کَڻِي، ٿيڪَ مَ، ٿورَو لاءِ،
پِريَمِ تُنھِنجي گهاءِ، مَران تَہ مانُ لَھان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 6 ]
پِريَمِ تُنھِنجي گهاءِ، مَران تَہ مانُ لَھان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 6 ]
ھَڻُ حَبِيبَ ھَٿُ کَڻِي، ٻَنگان لَھِي ٻاڻُ،
ماڳھِين مُون مِنھُن ٿِئي، جهولِيءَ وِجهان پاڻُ،
اِنَ پَرِ ساجَنَ ساڻُ، مانَ مُقابِلو مُون ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 8 ]
ماڳھِين مُون مِنھُن ٿِئي، جهولِيءَ وِجهان پاڻُ،
اِنَ پَرِ ساجَنَ ساڻُ، مانَ مُقابِلو مُون ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 8 ]
ھَڻُ حَبِيبَ ھَٿَ کَڻِي، دِلِ ۾ تَيرِي دانھَن،
ڪَھان تَہ ڪُوڪَ ٿِئي، صَبُرُ آئُون نَہ سَھان،
ڪَنھِن کي اِيئَن چَوان، تَہ مُون کي مارِئو سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 7 ]
ڪَھان تَہ ڪُوڪَ ٿِئي، صَبُرُ آئُون نَہ سَھان،
ڪَنھِن کي اِيئَن چَوان، تَہ مُون کي مارِئو سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 7 ]
مَدَتَ ٿِيءُ ميھارَ يارَ، ساھَڙَ سائِرَ سِيرَ ۾،
اُونها ڪُنَ اَتانگهَہ تَڙَ، اولِي ھَڻُ آڌارَ،
ڏِينھَن ڏُھلا ڏَمَ سين، آئُون آھِيان اَوِھان ڌارَ،
ٻِڇَلِ ٻانڌِي ٻارِ ڪَري اُتِ اُبَتا آرَ،
تَنھِن ۾ گِهڙِي سُهڻِي آڳَھَ ريءَ آڌارَ،
ڪارِي راتِ ڪَچو گهَڙو، توڏِيءَ ڪِي تَنوارَ،
سَنڀُوڙو سِيڻاھِ سين، سِگهو رَسُ سَنگهارَ،
اوراڙان آھُون ڪَري، پَھچان شالَ پَراڙَ،
سُڻِئو جهانءِ جِهڄي ھِنيُون، سانڀارا سَنڀارَ،
آيَمِ ريلي ريءَ سين، اَلا تو اَھارَ،
تارِ تَرَندِيَسِ پِرِين پَسَندِيَسِ، ويندِيَسِ وَٽِ وَڇارَ،
پُورِيندِيَسِ پارَ مَڻِي، سَھِسين جَي سيسارَ،
گولِي گهاگهائي، جَکَنِ ٿا جانارَ.
[ سُر سھڻي، وايون، 17 ]

سُورِھَہ مَرين سوڀَ کي دِلِ جا وَھمَ وِسارِ،
ھَڻُ ڀالا پَئُہ ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ،
مَ ٿيڪِ تَرارِ، مارِ تَہ مَتارو ٿِئين.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 3 ]
ھَڻُ ڀالا پَئُہ ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ،
مَ ٿيڪِ تَرارِ، مارِ تَہ مَتارو ٿِئين.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 3 ]
لائي خَنجَرُ ”لا“ جو ”ھَي“ خَچَرَ کي ھَڻُ،
سَڌُنِ جُون سَيِّدُ چئَي، وَٿُون سَڀَ وِڪِڻُ،
پيرُ پَرُوڙي کَڻُ، تَہ ھَلَڻَ ۾ ھَورِي وَھين.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 8 ]
سَڌُنِ جُون سَيِّدُ چئَي، وَٿُون سَڀَ وِڪِڻُ،
پيرُ پَرُوڙي کَڻُ، تَہ ھَلَڻَ ۾ ھَورِي وَھين.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 8 ]
اَلوِداعُ ھَئَي اَلوِداعُ، جانِئا ڪِيئَڙُئِي جُدا،
ھِي جَو آيو مَڱِڻو، مَتارا ماري،
دوسَ دوسَنِئُون دُورِ ڪَري، ٿو ڏَيا ڏيکاري،
ھَڻُ تُون تَندُ طَرِيقَ جِي، واڄَٽَ سَڀَ واري،
سورَٺِ سَرَتِيُنِ وِچَ ۾، اُڀَڙِي اوساري.
[ سُر سورٺ، وايون، 6 ]
ھِي جَو آيو مَڱِڻو، مَتارا ماري،
دوسَ دوسَنِئُون دُورِ ڪَري، ٿو ڏَيا ڏيکاري،
ھَڻُ تُون تَندُ طَرِيقَ جِي، واڄَٽَ سَڀَ واري،
سورَٺِ سَرَتِيُنِ وِچَ ۾، اُڀَڙِي اوساري.
[ سُر سورٺ، وايون، 6 ]
وِڳَندُ وَرِي آئِيو، ڪوٽِڙيان ڪُلاٽُ،
سَندو ڪِرِڙَ ڪاٺُ، ھَڻُ نَرڳِيءَ کي نِڪَڻِي.
[ سُر بلاول، وڳند، 7 ]
سَندو ڪِرِڙَ ڪاٺُ، ھَڻُ نَرڳِيءَ کي نِڪَڻِي.
[ سُر بلاول، وڳند، 7 ]
English Meaning
Throw, lob, an act of throwing something.