ھُتِ جي سنڌي معنيٰ
اُتي، ھُتي، اُن جاءِ تي (جتان جي ڳالهہ ھلي رھي آھي)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
There, at that place, yonder.
ھُتِ جا بيتن ۾ حوالا
ھُنَ تاري ھُنَ ھيٺِ، ھُتِ مُنھِنجا سُپِرِين،
سَڄَڻَ ماکِيءَ ميٺِ، ڪَوڙا ٿِيَنِ نَہ ڪَڏِھِين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 8 ]
سَڄَڻَ ماکِيءَ ميٺِ، ڪَوڙا ٿِيَنِ نَہ ڪَڏِھِين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 8 ]
ھُنَ تاري ھُنَ ھَنڌِ، ھُتِ مُنھِنجا سُپِرِين،
سَڄَڻَ ماکِيءَ مَندِ، ڪَوڙا ٿِيَنِ نَہ ڪَڏِھِين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 9 ]
سَڄَڻَ ماکِيءَ مَندِ، ڪَوڙا ٿِيَنِ نَہ ڪَڏِھِين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 9 ]
ھُنَ تاري ھُنَ جاءِ، ھُتِ مُنھِنجا سُپِرِين،
سَڄَڻَ ماکِيءَ ساءِ، ڪَوڙا ٿِيَنِ نَہ ڪَڏِھِين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 10 ]
سَڄَڻَ ماکِيءَ ساءِ، ڪَوڙا ٿِيَنِ نَہ ڪَڏِھِين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 10 ]
ھُنَ تاري ھُنَ رُوءِ، ھُتِ مُنھِنجا سُپِرِين،
سَڄَڻَ کَٿُورِيءَ بُوءِ، مُون کي مُورِ نَہ وِسَرِئا.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 11 ]
سَڄَڻَ کَٿُورِيءَ بُوءِ، مُون کي مُورِ نَہ وِسَرِئا.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 11 ]
ڪَسَرَ ڇَڏِ ڪَنواٽَ، وِکون وِجُهہ وَڌَندِيُون،
سَنئين سُپَيرِيَن جِي، وِنگِي ڀانءِ مَ واٽَ،
ڇَڏِ جهورِي ڏي جهاٽَ، تَہ ھُوندِيءَ راتِ ھُتِ مِڙُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 8 ]
سَنئين سُپَيرِيَن جِي، وِنگِي ڀانءِ مَ واٽَ،
ڇَڏِ جهورِي ڏي جهاٽَ، تَہ ھُوندِيءَ راتِ ھُتِ مِڙُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 8 ]
ڪَرَھا ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکَ وَڌَندِي پاءِ،
مُنھِنجو ھَلَڻُ اُتَھِين، جِتي جانِبَ جاءِ،
توکي چَندَنُ چارِيان، ٻِئو وَڳُ لاڻِي کاءِ،
اِيَھِين اُٺَ اُٺاءَ، تَہ ھُوندِيءَ راتِ ھُتِ مِڙُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 9 ]
مُنھِنجو ھَلَڻُ اُتَھِين، جِتي جانِبَ جاءِ،
توکي چَندَنُ چارِيان، ٻِئو وَڳُ لاڻِي کاءِ،
اِيَھِين اُٺَ اُٺاءَ، تَہ ھُوندِيءَ راتِ ھُتِ مِڙُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 9 ]
وِھي مَنجِهين وَڳَ، کَٿُورِيءَ ڏارَ چَري،
ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، پَڌَرِ پَڳَ نَہ لَڳَ،
جَڳَ سين جِھو جَڳَ، ھِنيَين سين ھُتِ چَرِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 30 ]
ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، پَڌَرِ پَڳَ نَہ لَڳَ،
جَڳَ سين جِھو جَڳَ، ھِنيَين سين ھُتِ چَرِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 30 ]
وَکَرُ سو وِھاءِ، جو ھِتِ کَٽي ھُتِ سَھانگو،
ويچيندي ولائِتَ کي، ذَرو ٿِئي نَہ ضاعِ،
سامُونڊِي سَندِياءِ، شَلَ ماٽِيءَ پَئي نَہ مَڪُڙِي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 10 ]
ويچيندي ولائِتَ کي، ذَرو ٿِئي نَہ ضاعِ،
سامُونڊِي سَندِياءِ، شَلَ ماٽِيءَ پَئي نَہ مَڪُڙِي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 10 ]
ڳَورا ٻَئِي پارَ، ھِنيُون حَيرَتَ ۾ پِئو،
وِھان تَہ ويرَ مَ ٿِئي، نِينھَن ۾ پوءِ نِھارَ،
وَڃان تَہ واڪو پَئي، پاڙي پوءِ پَچارَ،
ھُتِ ٿِي وَعدي وارَ، ھِتِ سُوٽُون ڏِينِ سَرَتِيُون.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 26 ]
وِھان تَہ ويرَ مَ ٿِئي، نِينھَن ۾ پوءِ نِھارَ،
وَڃان تَہ واڪو پَئي، پاڙي پوءِ پَچارَ،
ھُتِ ٿِي وَعدي وارَ، ھِتِ سُوٽُون ڏِينِ سَرَتِيُون.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 26 ]
ھِتان کَڻِي ھُتِ، جَنِ رَکِئو سي رَسِيُون،
ساجَنُ سُونھَن سُرِتِ، وِکان ئِي ويجهو گهَڻو.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 2 ]
ساجَنُ سُونھَن سُرِتِ، وِکان ئِي ويجهو گهَڻو.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 2 ]
English Meaning
There, at that place, yonder.