ھِڪِڙِي جي سنڌي معنيٰ
ھِڪَ، اڪيلي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
One.
ھِڪِڙِي جا بيتن ۾ حوالا
عاشِقَنِ اللهَ جِي، وائِي نِتُ وَڻِي،
ھِڪِڙِي ڳالِهہ سُڻِي، سوگِهي رَکِئائُون ساھَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 5 ]
ھِڪِڙِي ڳالِهہ سُڻِي، سوگِهي رَکِئائُون ساھَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 5 ]
دُنِيا سَڀَ دَرياھُ، ڪو ڪو تارُو تَنھِن ۾،
ھِڪِڙِي لَھَرِ لوڀَ جِي، ٻِئو آتَشِي اوڙاھُ،
طالِبَنِ توڙان، موڙي چاڙِھِيون مَڪُڙِيُون.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 6 ]
ھِڪِڙِي لَھَرِ لوڀَ جِي، ٻِئو آتَشِي اوڙاھُ،
طالِبَنِ توڙان، موڙي چاڙِھِيون مَڪُڙِيُون.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 6 ]
ڪوڙيِين پُڇَنِ ڪيچُ، ھوتُ پُڇي ڪا ھِڪِڙِي،
جَنِ جو پُنهونءَ سين پيچُ، سي پاڻِهين ٿِيندِيُون پَڌِرِيُون.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 12 ]
جَنِ جو پُنهونءَ سين پيچُ، سي پاڻِهين ٿِيندِيُون پَڌِرِيُون.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 12 ]
اَمَڙِ جَي ڏِٺوءِ، مُون جِيئَن ھوتُ اَکِيُنِ سين،
چَرَکو چِيھاڙِيُون ڪَري ڀيري ھُوندَ ڀَڳوءِ،
آتَڻِ رَتُ رُنوءِ، تَندُ نَہ ڪَتِيَئِي ھِڪِڙِي.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 14 ]
چَرَکو چِيھاڙِيُون ڪَري ڀيري ھُوندَ ڀَڳوءِ،
آتَڻِ رَتُ رُنوءِ، تَندُ نَہ ڪَتِيَئِي ھِڪِڙِي.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 14 ]
پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي، تَفرَقو طُورُ،
جَي نَظَرَ ۾ نُورُ، تَہ مِھتِ مَڙِهي سَڀَ ھِڪِڙِي.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 25 ]
جَي نَظَرَ ۾ نُورُ، تَہ مِھتِ مَڙِهي سَڀَ ھِڪِڙِي.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 25 ]
English Meaning
One.