اوائلي سنڌي وڻجارا (پڻي لوڪ)
سنڌي وڻجارا
خيالي چتر |
رگ ويد ۾ ھڪ انساني گروھ، قبيلي قوم جو احوال ملي ٿو، جنھن جو تعلق سنڌ سان ھو، ان کي ”پڻي لوڪ“ سڏيو ويندو ھو.
رحيمداد خان مولائي شيدائيءَ ”تاريخ تمدن سنڌ“ ۾ لکيو آھي تہ: ”آريا سنڌ جي دراوڙن مان پَڻي قبيلي کي گهڻو ڌڪاريندا ھئا. يونانين ھن قوم تي پرنيمي نالو رکيو. آرين جو چوڻ ھو تہ پڻي قوم آرين لاءِ ڪڪرن جو پاڻي روڪيو ھو، ۽ سواءِ جنگ ڪرڻ جي دَسيا پنھنجي دولت سندن حوالي نہ ٿا ڪن.“ اُھي ماڻهو سنڌونديءَ جي ڏاکڻين خطي ۾ رهندا ھئا. اھي اصل ۾ ناکئا ۽ وڻجارا ھئا، جن کي رگ ويد ۾ ”پَڻي لوڪ“ سڏيو ويو آھي. رگ ويد ۾ ذڪر آھي تہ، پڻي شاھوڪار ماڻهو ھئا. چوپايو مال، خاص ڪري ڳئون، پاليندا ھئا. گهوڙن جا شوقين ھئا. وڏا واپاري ۽ وڻجارا ھئا. کاري کيڙائو ھئا. پاڻيءَ ۽ پھاڙن تي راڄ ڪندا ھئا. ”والا“ سندن سيناپتي (سپھ سالار) ھو. ’ڏسوئي‘ سندن ’مھارشي‘ ھو ۽ ’بربو‘ سندن مُکي ھو. پڻي ماڻهو ’اِندر‘ ديوتا (باھ) جا پوڄاري نہ ھئا ۽ ’اِندر‘ ديوتا جي نالي ۾ ڪنھن بہ قسم جون ڀيٽائون ۽ ٻَليون نہ ڏيندا ھئا. نتيجي طور ’اِندر‘ ديوتا جي رِشين ۽ پنڊتن، پڻين کي ڪنجوس، بخيل، وياج خور، چوپائي مال جو چور ۽ ڦورو سڏيو آھي. پڻي لوڪن لاءِ چيو وڃي ٿو تہ اھي اصل ۾ سنڌ جا رهاڪو ھئا. اڳئين زماني ۾ اھي وڻجارا ھئا، جن جو واپار سڄيِ دنيا سان ھلندو ھو. اڳتي ھلي اھي ايترا تہ طاقتور ٿي ويا، جو سندن ٻولي دنيا جي ڪيترن ڀاڱن ۾ ڳالهائي ويندي ھئي. اھي پڻي لوڪ اڄ جي سنڌ ورڪي ھندن جي سلسلي جي پھرين ڪڙي چئي سگهجن ٿا.
