حاضُرُ بابت
معنيٰ
اڳيان هجڻ جي حالت، موجود. اڳيان، سامهون. پيش، روبرو، مُقابل، تيار، سنبريل. هَڪيو تَڪيو، ٿيڻ لاءِ هَڪيو. خوشيءَ سان ڪم ڪرڻ وارو، خواهان، خواهشمند، راضي، خوش، رضامند، آمادہ. جيئن چئجي ائين، صحيح، ٺيڪ، برابر،
Present, ready, at hand, willing. Forthcoming.
بيتن ۽ وائين ۾
- سِرَ جُدا ڌَڙَ ڌارَ، دوڳَ جَنِي جا ديڳِ ۾، سي مَرُ ڪَنِ پَچارَ، حاضُرُ جَنِي ھَٿَ ۾.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- تُون صاحِبَزادو سُپِرِين، آئُون نِسورو نَوڪَرُ، بيحَد ڪَرِيان بَندَگِيُون، ھَٿَ ٻَڌِي حاضُرُ، ڇَنِ ڇَڏِيندُسِ ڪِينَڪِي، دوسِتَ تُنھِنجو دَرُ، مُون تان…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- پالَ پَکا ۽ پَڪَ، جِتِ کَرَڙَ کَٿا ۽ کاهِيُون، سَرَهِيُون سي سَرَتِيُون، جٖي حاضُرُ پاسي حَقَ، مارُوءَ سين ماڻِيان، شَلَ…[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- پاٻوڙو پيشِ ڪِئو، نَئُون نُورِيءَ نيئِي، حاضُرُ ھُيُون ھَڪِيُون، سَمِيُون سَڀَيئِي، نَوازي نيئِي، گاڏي چاڙِھي گَندَرِي.[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]